ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي )سنڌ صوبي ۾ وياج تي خانگي قرض ڏيڻ تي بندش لاڳو گورنر ڪامران ٽسوري اسيمبلي پاران پاس ڪيل وياج تي خانگي قرض ڏيڻ وارو بِل منظور ڪري ورتو آهي
ان حوالي سان سنڌ جي قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ اسيمبلي خانگي وياج تي پابندي وارو بل 2023ع منظور ڪيو هو. گورنر جي منظوري کانپوءِ اهو قانون سڄي سنڌ ۾ لاڳو ٿي ويو آهي سندس چوڻ هو ته هاڻ خانگي قرض ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا، وياجين کي 3 سال ٽيپ ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ واريون سزائون ڏئي سگهبيون
هن چيو ته شهرن توڙي ڳوٺن ۾ شهرين کان خانگي قرض تي وياج وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، قانون تي عملدرآمد سان عوام جي مجبوري جو فائدو وٺندڙ وياجين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهبو