ٽنڊوڄام (ن پ ا) ملڪي ۽ عالمي ماهرن سنڌ ۾ وڌندڙ آبادي، زرخيز زمينن تي رھائشي ڪالونيون ٺھڻ، سم ڪلر ۽ سوڪھڙي سبب زميني وسيلن جي گھٽتائي ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب زراعت ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطرو قرار ڏيندي، پائيدار زراعت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو آھي
سندن چوڻ آهي ته ڪيترائي ورھين گذرڻ باوجود عام هاري زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي کان اڃان تمام گھڻو پري بيٺل آھي، جڏھن ته عالمي دنيا خوراڪ جي تحفظ ۽ اڻپوري غذائيت جي حوالي سان ڳڻتي جو شڪار آھي
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني ھيٺ ۽ يورپي يونين، رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ (آر ايس پي اين) ۽ گرو پاڪ جي سهڪار سان ”سنڌ ۾ زرعي شعبي ۾ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي تي عمل درآمد“ جي عنوان سان سيمينار ڪرايو ويو
سيمينار کي خطاب ڪندي فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جي ڊين ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته دنيا زرعي ترقي ۾ اڳڀري ٿي رھي آھي، پر اسان زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي لاڳو نه ڪري سگهيا آهيون
هن چيو ته بدقسمتيءَ سان اسان گهٽ پاڻيءَ تي بھتر پيداوار ۽ ريگستاني علائقن کي پوکي لائق بڻائڻ ۾ به اطمينان بخش نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا آھيون.
سندس چوڻ هو سيٽلائيٽ، ڊرپ ايريگيشن سسٽم، ڊرون ٽيڪنالاجي، جيو انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) ۽ ريموٽ سينسنگ اهڙيون ٽيڪنالاجيون آهن، جن تي عمل ڪرڻ ۾ اسان اڃا ترقي يافته ملڪن کان پري آهيون
ايف اي او جي سنڌ آفيس جي ھيڊ جيمس اوڪوٿ چيو ته ايف اي او پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ غذائيت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلين بابت صوبائي ادارن، سول سوسائٽي ۽ تحقيقي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، عالمي دنيا سماج ۾ بک ۽ معاشي بحران بابت ڳڻتي رکي ٿي
سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر وائيس چيئرمين محمود نواز شاهه چيو ته گذريل 70 سالن ۾ اسان زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهيون پر هن وقت تائين روايتي زرعي طريقن ۾ ڦاٿل آهيون، جڏهن ته في ايڪڙ پيداوار ۽ زراعت سان لاڳاپيل ٽيڪنالاجي اڃا تائين عام هاريءَ تائين نه پهتي آهي، جنهن ڪري مستقبل ۾ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو
سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو چيو ته پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ ماضي ۾ گڏيل قومن جي ملينيم ڊولپمينٽ گولز تي پورا نه لھي سگھيا، ۽ اڄ به اسان فوڊ سيڪيورٽي ۽ غذائيت ۽ پائيدار زراعت جي مقصدن کان حدف کان پري آھيون، دعوائن جي باوجود مختلف فصلن جي نج ٻج جي ضرورت پوري نه ٿي سگھي آھي
رورل سپورٽ پروگرام نيٽورڪ (آر ايس پي اين) جي پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر مزمل احمد چيو ته اسان ملڪي صوبي ۾ پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي تي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به هارين کي جديد ٽيڪنالاجي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون
يونيورسٽي جي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنٽ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته ايگري ٽيڪ هڪ اھڙي ترقي آهي جنھن سان زرعي طريقن ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو
ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري، ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ نور محمد بلوچ، ڊائريڪٽر اي آر آءِ لياقت ڀٽو، اسلم ميمڻ، ولسن گلال، علي نواز چنڙ، غلام سرور پنهور، راڻو مل، فيصل بلال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جن بحث مباحثي ۾ پنھنجي تجويزن کان آگاھ ڪيو
سيمينار ۾ مزمل احمد ۽ بلال فيصل لاڳاپيل موضوعن تي پنهنجا مقالا پيش ڪيا، بحث مباحثي جي ويھڪ بعد ماهرن سنڌ ۾ پائيدار زراعت جي ترقي بابت پنھنجون تجويزون پيش ڪيون