سنڌ ۾ وڌندڙ جنونيت ۽ متشدد رويا

ڪياماري (ڪراچي) پوليس مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن تي الزام آهي ته هن ھڪ عورت ۽ ان جي ٽن ٻارن کي قتل ڪيو. انهن جا جزوي طور ڳريل لاش ڪراچي جي مائي ڪلاچي روڊ ڀرسان هڪ کڏي مان هٿ آيا ھئا. جن جي جسمن تي تشدد جا نشان موجود هئا ۽ کين ڪهاڙي يا ڪنهن تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو هو۔ پوليس موجب، گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس جوابدار جي هڪ وڊيو به جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ جوابدار چيو آهي ته مقتول عورت ڪارو جادو ڪندي هئي ۽ اڪثر هن کان مطالبا ڪندي هئي، جنهن سبب هو ذهني دٻاءُ ۾ رهندو هو۔

اڄ جو سماج هڪ انتهائي خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي، جتي وڌندڙ انتهاپسندي، تشدد پسند رويا ۽ بي لغام انارڪي رڳو خبرن جي سرخين تائين محدود ناهن، پر روزمرهه زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. رواداري، برداشت ۽ گڏيل ذميواري جهڙا قدر ڄڻ ته دفن ٿي چڪا آهن، ۽ انهن جي جاءِ تي نفرت، جذباتي جنون ۽ طاقت جي وحشي نمائش اچي ويٺي آهي. هي صورتحال ڪنهن هڪ طبقي، شهر يا ملڪ تائين محدود ناهي؛ هي هڪ اجتماعي سماجي بيماري آهي، جيڪا خاموشي سان اسان جي اخلاقي ڍانچي کي کائي رهي آهي. سماج ۾ وڌندڙ جنونيت جو بنيادي سبب فڪر جي تنگ نظري آهي. جڏهن ماڻهو سوال ڪرڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ بدران رڳو پنهنجو نظريو مڃائڻ کي حق سمجهن ٿا، تڏهن انتهاپسندي جنم وٺي ٿي. مذهبي، سياسي يا نسلي لحاظ سان جنون کي هوا ڏني وڃي ٿي، ۽ نوجوان ذهنن کي جذباتي نعرا ڏئي گمراهه ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ اختلاف کي دشمني سمجهيو وڃي ٿو، ۽ دشمن کي ختم ڪرڻ کي “واجب” قرار ڏنو وڃي ٿو. هي سوچ سماج کي سڌي طرح تشدد ڏانهن ڌڪي ٿي.

تشدد پسند روين جو ٻيو وڏو سبب ناانصافي ۽ مايوسي آهي. جڏهن رياست پنهنجن شهرين کي انصاف، تعليم، روزگار ۽ تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، تڏهن مايوس ماڻهو قانون کي هٿ ۾ کڻڻ کي ئي حل سمجهن ٿا. غربت، بيروزگاري ۽ طبقاتي فرق ماڻهن جي اندر ڪاوڙ جي باهه دکائي ڇڏين ٿا، جيڪا پوءِ ڪنهن به ننڍڙي چڻنگ سان ڀڙڪي پوي ٿي. بدقسمتيءَ سان اسان جو سماج هن ڪاوڙ کي سمجهڻ ۽ ختم ڪرڻ بدران، ان کي نظرانداز ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

انارڪي، يعني قانون ۽ ضابطن جي ٽٽڻ، هن بحران جو سڀ کان خطرناڪ روپ آهي. جڏهن قانون رڳو ڪمزور لاءِ هوندو آهي، تڏهن رياستي رِٽ ختم ٿي ويندي آهي. ماڻهو عدالتن بدران گهٽين ۾ فيصلا ڪرڻ لڳن ٿا، ۽ انصاف بدران انتقام کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اهڙي ماحول ۾ تشدد هڪ “معمول” بڻجي وڃي ٿو. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جو غلط استعمال به هن تباهيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنسني، نفرت انگيز تقريرون، اڌ سچ ۽ ڪوڙ کي وڪرو ڪري ٿي رھيو آھي. بنا ذميواريءَ جي ڳالهائڻ، الزام هڻڻ ۽ ڀڙڪائڻ سماج کي وڌيڪ ورهائي رهيو آهي. اظهار جي آزادي جي نالي ۾ نفرت جي واپار کي آزادي ڏيڻ، اصل ۾ اجتماعي خودڪشيءَ جي برابر آهي.

حل اھو آھي ته سڀ کان پهرين، فڪر جي آزادي سان گڏ فڪر جي ذميواري سيکارڻي پوندي. تعليم جو نظام رڳو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر تنقيدي سوچ، برداشت ۽ انسانيت سيکارڻ لاءِ هجڻ گهرجي. نصاب مان نفرت ڪڍي، سوال ڪرڻ ۽ اختلاف کي قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي هٿيار نه، پر دليل ڏيڻ سيکارڻا پوندا. رياست کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. قانون سڀني لاءِ برابر لاڳو ڪرڻو پوندو، بنا ڪنهن رعايت جي. انصاف ۾ دير، انصاف جي قتل برابر آهي؛ تنهن ڪري تيز، شفاف ۽ بي لاڳاپيل انصاف ضروري آهي. غربت ۽ بيروزگاري خلاف سنجيده پاليسيون اختيار ڪرڻيون پونديون، ڇو ته بک ۽ مايوسي مان ئي تشدد جنم وٺي ٿو. سول سوسائٽي، مذهبي اڳواڻن ۽ دانشورن کي نفرت جي مقابلي ۾ واضح ۽ بي خوف موقف اختيار ڪرڻو پوندو. خاموشي به ڏوهه آهي. جيڪي ماڻهو تشدد ۽ جنون کي جواز ڏين ٿا، تن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، ڀلي اهي ڪيترا ئي طاقتور ڇو نه هجن. اهو سمجهڻ به ضروري آهي ته هي جنگ ڪنهن هڪ گروهه خلاف ناهي، پر هڪ بيمار سوچ خلاف آهي. جيڪڏهن اڄ به اسان جا ضمير نه جاڳيا، جيڪڏهن اڄ به اسان برداشت، انصاف ۽ انسانيت جو جهنڊو نه کنيو، ته سڀاڻي هي باهه هر در تي پهچندي. سماج کي بچائڻ لاءِ تشدد، انتهاپسندي ۽ انارڪي خلاف، بغير ڪنهن مصلحت جي هاڻي سخت، واضح ۽ بي رحم فيصلا ڪرڻا پوندا.