ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊن جي انتظام هيٺ يارهين ۽ ٻارهين درجي جي امتحانن جو سلسلو جاري آهي، انتظاميا ڪاپي تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي
لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ طرفان اڄ انگريزي جو پيپر ورتو پيو وڃي، امتحان ڏيندڙ شاگرد موبائل فون جي مدد سان جواب حل ڪرڻ ۾ رڌل آهن
شهدادڪوٽ جي امتحاني مرڪزن تي شاگرد ڪاپي ڪري امتحان ڏيڻ ۾ رڌل آهن، انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته مختلف مرڪزن تي ڇاپا هڻي ڪاپي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.