سنڌ ۾ انٽر جا امتحان جاري، پيپر واٽس ايپ گروپن ۾ پهچي ويو، ڪاپي جي ڌم متل

مَي 22, 2023

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا پيپر جاري آهن اڪثر امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي

سکر، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قمبر، موهن جو دڙو، سجاول جوڻيجو، غوثپور سميت مختلف شهرن ۾ پيپر جاري آهن

مختلف شهرن ۾ پيپر واٽس ايپ گروپن ۾ پهچي ويو شاگرد موبائيل فون ذريعي ڪاپي ڪرڻ لڳا

لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ انگريزي جو پرچو ورتو پيو وڃي واٽس ايپ گروپن ۾ پيپر پهچي ويو جتي ڪاپي جي ڌم متل آهي

امتحاني سينٽرن تي بجلي بند هجڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون توڙي عملو سخت پريشاني جو شڪار آهي

Leave A Comment