اڄ سڄي دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. اھو ڏھاڙو ان مقصد سان ملهايو ويندو آهي ته دنيا جي هر ٻار کي تحفظ، تعليم، صحت، برابري ۽ باوقار زندگي جا حق حاصل هجن. پر افسوس جو سنڌ ۾ هر سال ٻارن جي حقن جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران لڳاتار خراب ٿي رهي آهي، ۽ ان بگاڙ جو وڏو ڪارڻ حڪومت جي نااهلي، غير سنجيدگي، ۽ ٻارن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ ادارن جي غير فعاليت آهي. سنڌ جي گهڻن ضلعن ۾ ٻار به چائلڊ ليبر ۾ جڪڙيل آهن. هاري ٻار، هوٽلن تي ڪم ڪندڙ ٻار، فيڪٽري ۽ ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندڙ ٻار، ۽ گھرن ۾ پورھيو ڪندڙ هزارين ٻار تباھ ٿي پنهنجي معصوم ٻاروتڻ کان محروم ٿي ويا آهن. قانون جي ڪتابن ۾ ته چائلڊ ليبر خلاف واضح شقون موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد تقريباً نه هئڻ جي برابر آهي. ليبر انسپيڪشن نظام ڪمزور، رپورٽنگ جو ڪو شفاف نظام ناهي، ۽ سزا جو خوف به نه هئڻ سبب چائلڊ ليبر هڪ معمول بڻجي چڪو آهي.
ٻار ڪنهن به قومي سرمايي جو سڀ کان اهم حصو هوندا آهن، ڇو ته اهي نه رڳو اڄ جي زندگيءَ جا شراڪتدار آهن پر مستقبل جي سماج جا معمار پڻ آهن. قومن جي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته هو پنهنجي ٻارن جي تعليم، صحت، تحفظ ۽ تربيت ۾ ڪيتري سيڙپ ڪن ٿا. جڏهن هڪ ٻار تعليم يافته نه هوندو، ته هو نه رڳو پنهنجي لاءِ، پر پوري سماج لاءِ به مثبت ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر رهندو. تعليم کان محرومي قومي ترقي لاءِ سڀ کان وڏو ڌڪ آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي صورتحال ڏاڍي ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ ۾ ته ٻارڙن جي تحفظ جي حوالي سان صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. ايتريقدر جو ٻارڙا ڀنگ خاطر اغوا ڪيا وڃن ٿا. مستقبل جو دارومدار انهن ٻارن تي آهي، جن کي اڄ امن، پيار ۽ سهاري جي ضرورت آهي. انهن جي حقن جي حفاظت صرف قانون سازي سان نه پر عملدرآمد، نگراني، ۽ اجتماعي ذميواري سان ممڪن آهي. حڪومت پاران قائم ڪيل ٻارن جي حقن وارا ادارا، جهڙوڪ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيز، پنهنجن بنيادي ڪردار کان گهڻو پري نظر اچن ٿا. بجاءِ ان جي ته اهي ادارا ٻارن جي تحفظ، ريسڪيو، بحالي، ۽ قانوني مدد لاءِ فعال ٿين، اهي صرف فائيلن ۽ رپورٽن تائين محدود ٿي ويا آهن. انهن ادارن وٽ نه صرف وسيلا گهٽ آهن پر سياسي مداخلت، غير تربيت يافته عملي، ۽ حڪومتي بي ڌياني سبب اهي غير موثر بڻجي چڪا آهن. غير سرڪاري ادارا، جيڪي ٻارن جي حقن بابت ڪم ڪرڻ جي دعوا ڪن ٿا، انهن جي ڪارڪردگي پڻ سوال جوڳي آهي. گھڻا ادارا فنڊن ۽ پروجيڪٽ رپورٽن تائين محدود رهيا آهن؛ سرزمين تي سندن ڪم گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان وٽ تعليم جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سنڌ ۾ لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جيڪي اسڪول موجود آهن انهن مان ڪيترائي بنا استاد، بنا بنيادي سهولتن، ۽ بنا نگراني جي آهن. تعليم لاءِ رٿيل بجيٽ جو وڏو حصو بي ضابطگين، بدانتظامي ۽ ڪرپشن جي نذر ٿي وڃي ٿو. هڪ اهڙي سماج ۾ جتي تعليم کي بنيادي حق ئي نه سمجهيو وڃي، اتي ٻارن جي مستقبل لاءِ اميدون خود بخود معدوم ٿي وڃن ٿيون.
ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اسان لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ٻارن کي محفوظ، تعليم يافته، صحتمند ۽ باوقار زندگي ڏيڻ لاءِ سنجيده آهيون؟ يا هي ڏينهن فقط تقريرن، سيمينارن ۽ فوٽو سيشنن تائين محدود رهندو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت بجيٽ کي صحيح رخ ڏئي، ٻارن جي حقن جي ادارن کي فعال بڻائي، اسڪولن جي بحالي کي ترجيح ڏئي، ۽ چائلڊ ليبر خلاف سختي سان ڪارروائي ڪري. غير سرڪاري ادارن کي به رپورٽن کان اڳتي وڌي حقيقي ميدان ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو اسان کي صرف ياد ڏيارڻ لاءِ ناهي. هي هڪ عهد آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي محفوظ ۽ روشن مستقبل ڏيون.