سنڌ ۾ ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ ملٽي لينگوئل ايجوڪيشن پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاھ چيو آهي ته انهي قدم سان شاگردن کي وڌيڪ بهتر نموني سکڻ، سمجهڻ ۽ اظهار ڪرڻ ۾ مدد ملندي، انهي لاءِ برٽش ڪائونسل پاران ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي ويندي. ڪالهه تعليم واري وزير سردار شاھ سان برٽس  ڪائونسل جي وفد هيلن سلوسٽي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪري تعليم جي بهتري، استادن جي پيشوراڻي تربيت ۽ تدريس جي معيار کي بهتر ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته ملٽي لينگوئل ايجوڪيشن پاليسي متعارف ٿيڻ کانپوءِ ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ هڪ معياري ۽ هڪجهڙو تدريسي طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته انهي قدم سان شاگرد پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ سان گڏ پڙهڻ ۽ لکڻ جون بنيادي مهارتون اثرائتي طريقي سکي سگھندا.