سنڌ ۾ پهريون ڀيرو شاگردياڻين لاءِ موٽر سائيڪل سيکارڻ جا ڪلاسز شروع

جُون 18, 2023

لاڙڪاڻو (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تبديلي، شاگردياڻين کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي سکيا ڏيڻ جو عمل به شروع ٿي ويو آهي

لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج جي سمر ڪيمپ ۾ ڇوڪرين لاءِ بائيڪ رائيڊنگ جا ڪلاسز شروع ڪيا ويا آهن

گرلس ڪاليج جي پرنسپال ثمينه ابڙو جي ڪوششن سان ڪاليج جي شاگردياڻين کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي

سوشل ميڊيا تي وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاگردياڻين کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي

شاگردياڻين کي موٽر سائيڪل جي سکيا ڏيڻ واري عمل جي سوشل ميڊيا تي ساراهه ٿي رهي آهي

ان حوالي سان امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پروفيسر ثمينه ابڙو وومين ايڪشن فورم جي ميمبر پڻ آهي

پروفيسر ثمينه ابڙو جڏهن گرلس ڪاليج جي پرنسپال ٿي ته ان وقت ڪاليج جي نالي تي صرف خالي عمارت هئي، ثمينه ابڙو پنهنجي آفيس لاءِ فرنيچر به گهران کڻي آئي ۽ ڪاليج ۾ داخلا شروع ڪئي، جيستائين ڪا نئين مقرري ٿئي تيستائين ڪاليج جي پراڻن دوستن واسطي وارن ماڻهن کي ڪلاسز وٺڻ لاءِ گهرايو

ثمينه ابڙو جو چوڻ آهي ته هِن ڪاليج کي مثالي بڻائڻو آهي ڇو ته هي بيگم نصرت ڀٽو جي نالي سان منسوب آهي، هُن هڪ سال اندر ئي ڪاليج جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪاليج ۾ خوبصورت لان، لائبريري، ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻيون سهولتون هاڻ موجود آهن

ثمينه ابڙو ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو سمر ڪيمپ متعارف ڪرائيندي ريڊنگ اسڪلز، گرلس گائيڊ ٽريننگ، ڪيريئر ڪائونسل جي روايتي شين سان گڏ ڀٽائي جي شاعري تي تربيتي ڪلاس ۽ موٽرسائيڪل جي سکيا جا ڪلاس رکڻ جهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي

Leave A Comment