ڪراچي: ڪابينا پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ ساڍا 7 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، غير هنرمند مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 40 مان وڌائي 43 هزار رپيا ڪئي وئي، اجرت ۾ نئون اضافو پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندو،اهو فيصلو سڄي سنڌ جي نوٽيفائيڊ صنعتي ۽ واپاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن تي لاڳو ٿيندو. ڪابينا پيپلز ڪميونٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جي مالي سال 2026-27 لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ 200 ملين رپيا سيڊ مني طور ۽ 2.723 ارب رپين جي گرانٽ شامل آهي. ڪمپنيز ايڪٽ تحت قائم ڪمپني جو مقصد ڪميونٽي سطح تي بنيادي صحت جي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گهٽ سهولتن وارن علائقن جي آبادي تائين انهي جو دائرو وڌائڻ آهي. ڪابينا گريڊ 19 جي سحر افتخار خان کي ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني ڪابينا ٽي ايم سي لياري جي تعليم ۽ صحت شعبن جي 254 ڪانٽريڪٽي ملازمن جي مدي ۾ هڪ سال واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ملازمن جي مدي ۾ واڌ 11 مارچ 2026ع کان 10 مارچ 2027ع تائين هوندي،انهن ۾ تعليم شعبي جا 176 ۽ صحت شعبي جا 78 ملازم شامل آهن. اهي ملازم 2012-13 دوران ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ مقرر ڪيا ويا هئا ۽ بعد ۾ مڪاني سڌارن کانپوءِ ضلعن ۽ ٽائون ميونسپل انتظاميا ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا. ڪابينا لياري ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ فيز-I جي ڊزائن، بڊنگ دستاويزن جي تياري ۽ تعميراتي نگراني لاءِ ڪنسلٽنٽ طور نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي به منظوري ڏني.ٻئي طرف ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ يونٽ کي مڪمل سرڪاري ملڪيت واري پرائيويٽ لميٽڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا نئين ڪمپني ٺاهڻ جا سمورا قانوني ۽ انتظامي مرحلا مڪمل ڪرڻ جا اختيار ناڻي کاتي کي ڏئي ڇڏيا، پ پ يونٽ جو موجوده ڊائريڪٽر جنرل ئي نئين ڪمپني جو پهريون چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هوندو، ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، تجويز ڪيل ڪمپني کي ڪمپنيز ايڪٽ، 2017 تحت رجسٽرڊ ڪرايو ويندو، ڪابينا ڪمپني لاءِ مجاز سرمايو 8 ارب ۽ پيڊ اپ سرمايو 2 ارب، آپريشنل خرچن لاءِ سيڊمني طور 500 ملين رپين جي آئوٽ آف بجيٽ جي منظوري پڻ ڏني.