ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو آهي ته سنڌ جي سمورين پولنگ اسٽيشنز تي پاڪ فوج جي مقرري مڪمل ٿي چڪي آهي، سمورا فوجي جوان ۽ آفيسر پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ پهچي چڪا آهن
نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبي ۾ عام چونڊن جي سيڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي سفارش تي پاڪ فوج جي مقرري مڪمل ڪئي وئي آهي
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين به شرڪت ڪئي ان موقعي تي آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ پولنگ اسٽيشنز جي سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن
نگران وڏي وزير چيو ته پولنگ واري ڏينهن ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اسٽريٽ ڪرائيمز تي هر صورت ۾ ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، اسٽريٽ ڪرائيمز جا سماجي ڪارڻ حڪومت ٺيڪ ڪندي پر پوليسنگ بهتر هئڻ گهرجي
آءِ جي پوليس چيو ته ڪچي واري علائقي جي کاٻي پاسي صورتحال بهتر ڪئي وئي آهي، 8 مهينن دوران ڀنگ لاءِ اغوا جا 170 ڪيس ٿيا، ان عرصي دوران تقريبن سمورا مغوي بازياب ڪرايا ويا، اڃا 4 مغوي بازياب ڪرائڻا آهن، 8 مهينن دوران 13 ڌاڙيل به ماريا ويا