سنڌ ۾ پيٽرول پمپن جي نگراني ڪمشنرن  ۽ پوليس حوالي

سنڌ ۾ پيٽرول پمپن جي نگراني ڪمشنرن  ۽ پوليس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪمشنرن ۽ پوليس کي پيٽرول جي ذخيرا اندوزن جي نگراني ۽ ڪارروائي جي هدايت، ان ڏس ۾  چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبي اندر ٻارڻ (فيول) جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي 4 ضلعن ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا 34 آئل ڊيپو ۽ 30 ضلعن ۾ 2136 پيٽرول پمپ ۽ ريٽيل آئوٽ آهن، اوگرا ڪراچي پاران تيل جي ذخيرا اندوزي روڪڻ لاءِ خصوصي انسپيڪشن ٽيمون جوڙيون ويون آهن. چيف سيڪريٽري ڪمشنرن ۽ پوليس اختيارين کي اوگرا جي انسپيڪشن ٽيمن سان سهڪار جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به ضلعي ۾ تيل جي هٿرادو کوٽ يا ذخيرا اندوزي برداشت نه ڪبي. هن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس اختيارين کي تيل صورتحال جي مسلسل مانيٽرنگ ۽ روزاني بنياد تي رپورٽنگ جو حڪم ڏنو. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سمورن آئل ڊيپوئن ۽ پيٽرول پمپن تي موجود اسٽاڪ جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ۽ اوگرا، آئيل ڪمپنين توڙي ضلعي انتظاميا جي وچ ۾ رابطو قائم رکيو وڃي ته جيئن تيل سپلاءِ ۾ ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي