سنڌ ۾ سياسي تحرڪ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، وفاقي حڪومت جي ڪمزور ٿيندڙ پوزيشن، اسٽيبلشمينٽ جي بدلجندڙ حڪمت عملين ۽ ايندڙ سياسي بندوبستن بابت ٿيندڙ ڳجهن ۽ کليل ملاقاتن سنڌ جي سياست ۾ نئين بيچيني پيدا ڪئي آهي. خاص طور تي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جون سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مخالف اڳواڻن سان ملاقاتون گهڻيون اهم سمجهيون پيون وڃن. اهي ملاقاتون رڳو روايتي سياسي رابطا ناهن، پر انهن پويان مستقبل جي سياسي ترتيبن جا اشارا پڻ موجود آهن.
مولانا فضل الرحمان ماضي ۾ به ملڪ جي طاقتور حلقن سان لاڳاپن ۽ سياسي سوديبازين جي حوالي سان سڃاتو ويندو رهيو آهي. جڏهن به ملڪ ۾ نئين سياسي انجنيئرنگ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي ته مختلف سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي وينديون آهن. هن ڀيري به لڳي ائين ٿو ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ مخالف ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي. خاص طور تي 28هين آئيني ترميم بابت جيڪي بحث هلي رهيا آهن، انهيء تناظر ۾ پيپلز پارٽي کي دٻاءَ هيٺ آڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي.
18هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن کي جيڪي اختيار مليا، اهي سنڌ لاءِ ڪنهن حد تائين سياسي ۽ انتظامي تحفظ جو ذريعو بڻيا. سنڌ جي قومپرست، جمهوري ۽ ترقي پسند حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪا اهڙي آئيني ترميم آندي وئي، جيڪا صوبائي اختيارن کي محدود ڪري، ته ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ٿيندو. ان ڪري 28هين آئيني ترميم بابت پيدا ٿيندڙ خدشا فطري آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي تي سياسي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ مخالف ڌرين کي سرگرم ڪيو پيو وڃي.
پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي سياسي قوتون، جيڪي پاڻ کي پيپلز پارٽي جو متبادل ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، حقيقت ۾ سنڌ جي عوام لاءِ ڪنهن اميد جو سبب بڻجي سگهن ٿيون؟ تاريخ ان سوال جو گهڻو حوصلا افزا جواب نٿي ڏئي. سنڌ جي ماڻهن اڳ به ڪيترائي “متبادل” ڏٺا آهن. ڪڏهن فنڪشنل ليگ، ڪڏهن مختلف قومپرست اتحاد، ڪڏهن تحريڪ انصاف ۽ ڪڏهن وري اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان تيار ٿيندڙ سياسي اتحاد. پر انهن مان اڪثر قوتون يا ته وقتي ثابت ٿيون يا وري اشارن تي هلندڙ سياسي اوزار بڻجي ويون.
سنڌ جي عوام جي اڪثريت هاڻي اهو سمجهي چڪي آهي ته جيڪي سياسي قوتون پنهنجي طاقت عوام بدران اسٽيبلشمينٽ جي سهاري حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي ڊگهي عرصي تائين عوامي نمائندگي نٿيون ڪري سگهن. سنڌ جي سياسي تاريخ اهو ثابت ڪري ٿي ته هتي جي ماڻهن هميشه انهن قوتن کي رد ڪيو آهي، جيڪي غير فطري طريقن سان اقتدار ۾ آنديون ويون. اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي، پنهنجي ڪيترين ناڪامين ۽ غلطين باوجود، اڄ به سنڌ جي وڏي سياسي قوت طور موجود آهي.
اها به حقيقت آهي ته پيپلز پارٽي پاڻ به سنڌ جي مفادن تي مڪمل طور بيٺل سياسي ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي. پاڻي جي ورڇ، وسيلن جي مالڪي، گئس ۽ تيل جي حقن، ٻيٽن واري معاملي، آدمشماري، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڌارين آبادڪاري جهڙن ڪيترن معاملن تي پيپلز پارٽي تي سوديبازي جا الزام لڳندا رهيا آهن. وفاق ۾ اقتدار جي سياست ڪندي پارٽي ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي قومي احساسن کي نظرانداز ڪيو. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن اندر مايوسي پيدا ٿيڻ فطري آهي.
پر ان مايوسي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسٽيبلشمينٽ جي تيار ڪيل نون سياسي اتحادَن مان سنڌ کي ڪا چڱائي ملندي. مولانا فضل الرحمان جن قوتن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، انهن مان گهڻيون يا ته ماضي ۾ آزمائجي چڪيون آهن يا وري انهن جو سياسي تدبر عوامي بنيادن بدران طاقتور ادارن جي حمايت سان جڙيل رهيو آهي. اهڙيون قوتون شايد ڪجهه وقت لاءِ سياسي شور پيدا ڪري سگهن، پر سنڌ جي ڊگهي مدي وارن مسئلن جو حل پيش نٿيون ڪري سگهن.
سنڌ جو بنيادي مسئلو صرف حڪومت جي تبديلي ناهي، پر هڪ اهڙي سياسي فڪر ۽ قيادت جي کوٽ آهي، جيڪا واقعي سنڌ جي حقن، وسيلن، ثقافت ۽ جمهوريت لاءِ مستقل جدوجهد ڪري سگهي. جيڪڏهن سياسي تحريڪون صرف اقتدار جي راند تائين محدود رهنديون ته پوءِ عوام جي تقدير تبديل نه ٿيندي. سنڌ کي اهڙي سياست جي ضرورت آهي جيڪا عوامي طاقت تي بيٺل هجي، نه ڪي اشارن ۽ انجنيئرنگ تي.
اڄ سنڌ ۾ جيڪا سياسي چرپر نظر اچي رهي آهي، ان کي صرف پارٽين جي وچ ۾ مقابلي طور نه ڏسڻ گهرجي، پر ان کي وفاق ۽ صوبن جي لاڳاپن، جمهوريت جي مستقبل ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار جي تناظر ۾ سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن مستقبل ۾ وري اهڙي سياسي انجنيئرنگ ڪئي وئي، جنهن جو مقصد صرف هڪ پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ هجي، ته ان جو نتيجو نه جمهوريت لاءِ بهتر هوندو ۽ نه ئي سنڌ لاءِ.
سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي وڌيڪ سياسي شعور سان فيصلا ڪرڻا پوندا. ڪنهن به پارٽي يا اتحاد کي صرف پيپلز پارٽي مخالف هجڻ جي بنياد تي قبول ڪرڻ دانشمندي نه هوندي. عوام کي اهو ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي قوت واقعي سنڌ جي وسيلن، پاڻي، ٻولي، ثقافت ۽ آئيني حقن جي حفاظت لاءِ واضح ۽ مستقل موقف رکي ٿي. ڇو ته تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته جيڪي قوتون اشارن تي ٺاهيون وڃن ٿيون، اهي آخرڪار عوام بدران پنهنجي ٺاهيندڙن جي مفادن جي حفاظت ڪنديون آهن.