سنڌ ۾ ٿيليسميا چڪاس لاءِ ليبارٽرين بابت ٺهراءُ شروع  

سنڌ ۾ ٿيليسميا چڪاس لاءِ ليبارٽرين بابت ٺهراءُ شروع  

ڪراچي: ايم پي اي نجم مرزا پاران ٿيليسميا بابت قرارداد پيش ڪئي وئي، جيڪا متفقه طور تي پاس ٿي وئي. ايم پي اي چيو ته ٿيلسميا جا سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪيس رپورٽ ٿين ٿا۔  انھن جي فوري طور پتو لڳائڻ لاءِ ليبارٽريون ناھن. بنيادي طور  ٿيلسميا پوري زندگي جي بيماري آھي، سنڌ ۾ 9500 مريض آھن۔ ساليانو ڪيترائي ٻار ٿيلسميا سان گڏ پيدا ٿين ٿا۔  ٿيلسميا جي روڪٿام بابت قانون موجود آھي۔ جنهن تي ڳالهائيندي گھرو وزير ضيا لنجار چيو ته 2013 ع ۾ ٿيلسميا جو قانون آيو، انھي تي عملدرآمد جو اشو آھي،  ڪراچي، بدين ۽ شھيد بينظير آباد ۾ ٿيلسميا جي مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو،  بلڊ ٽرانسفيوزن به ٿيندي آھي۔  انھي اھم قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا۔ جنهن کانپوءِ اها  قرارداد متفقه طور پاس ٿي وئي.