سنڌ ۾ چونڊن لاءِ انتظام مڪمل: رينجرز جا 10 هزار ۽ پاڪ فوج جا 14 هزار اهلڪار خدمتون سرانجام ڏيندا: نگران وزيراعليٰ

جنوري 25, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان حوالي سان نگران وزيراعليٰ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته چونڊن دوران صوبي ۾ رينجرز جا 10 هزار ۽ پاڪ فوج جا 14 هزار اهلڪار خدمتون سرانجام ڏيندا، پولنگ دوران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا

 وڏي وزير مقبول باقر جي ڪراچي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي  چيو ته سنڌ جي 19 هزار 6 پولنگز مان 6 هزار531 حساس ۽ 6 هزار 496 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز جي حوالي سان خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن

وڏي وزير سي پي او ۾ اليڪشن سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان پوليس کي فنڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت اليڪشن ڪميشن سان هر ممڪن سهڪار ڪري رهي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • حيدرآباد مان پاڻي نه نڪرڻ جو ذميوار حيسڪو آهي: وڏو وزير

  • پنجاب ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 63 ماڻهو فوت

  • نوابشاهه ڀرسان ٽن ڀائرن سميت 6 ڄڻا قتل

  • ڪي پي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل،25 ارب رپين جا اثاثا منجمد، اهم شخصيتن جي گرفتاري جو امڪان