سنڌ ۾ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ برسات جو امڪان: انٽرنيٽ بند رهڻ جو خدشو

فيبروري 5, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، صوبي ۾ 19 هزار 8 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن
پنهنجي بيان ۾ اليڪشن ڪمشنر سنڌ چيو ته سڀني ضلعن ۾ سامان پهچايو ويو آهي، سمورو سامان 7 فيبروري تي پولنگ اسٽيشنز ۾ پهچايو ويندو، سيڪيورٽي جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، سڀني حساس پولنگ اسٽيشنز ۾ ڪئميرائون لڳايون ويون آهن
سندس چوڻ هو ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي آهي، پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ بند هوندي ته امن امان سبب هوندي
ٻئي طرف موسمياتي تجزئي نگار موجب 7 فيبروري تي سنڌ جي اولهندي حصي ۽ بلوچستان ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 8 فيبروري تي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي
8 فيبروري تي موسم جي صورتحال بابت موسمياتي تجزئي نگار ٻڌايو ته چونڊن واري ڏيهن ڪنهن وڏي اسپيل جو امڪان ناهي

Leave A Comment