سنڌ ۾ ڊينگي جو وڌندڙ مرض ۽ منجي داخل ٿيل صحت کاتو

سنڌ ۾ ڊينگي جو مرض ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، ان وائرس سبب ماڻھن مرڻ جو تعداد ڏينهون وڌندو وڃي۔ صحت کاتي سنڌ طرفان ڏنل ڪالھوڪي بيان موجب هن سال ڊينگي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 25 ٿي ويو آهي۔ صحت کاتي سنڌ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ 1192 نوان ڪيس سامهون آيا، جن مان ڪراچي ۾ 642 ۽ حيدرآباد ۾ 550 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ صحت کاتي موجب هن سال صوبي سنڌ ۾ ڊينگي جا ڪل 10 هزار 502 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 227 ۽ نجي اسپتالن ۾ 212 مريض علاج هيٺ آهن۔ صحت کاتي طرفان جاري ڪيل اهي ڪالھوڪا انگ اکر آھن، جڏهن تہ اصل تعداد ان کان وڌيڪ آھي.

سنڌ صوبو ٻيهر ڊينگي جي خطرناڪ بيماري جي گرفت ۾ اچي ويو آهي، ۽ صحت جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي. اسپتالون ڀريل آهن، ڊاڪٽر ۽ نرسون ٿڪجي پيا آهن، ۽ مريض دم ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ انتظاميا بيحس ۽ نااهل نظر اچي ٿي. جيڪا وبا وقت تي سنڀالي سگهجي ٿي، اها انتظاميا جي لاپرواهي سبب وڏي تباهي آڻيندڙ بڻجي وئي آهي. موجوده ڊينگي جو بحران فطري آفت ناهي، پر سالن جي بي ڌياني، خراب حڪمراني ۽ تياري جي کوٽ جو نتيجو آهي. گذريل ڪجهه هفتن دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڊينگي جا ڪيس تيزي سان وڌيا آهن،  اسپتالن جا وارڊ ڀريل آهن ۽ ڪيترن ئي مريضن کي بسترا نه ملڻ سبب زمين تي ليٽڻو پيو آهي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ حالتون وڌيڪ خراب آهن، جتي علاج ۽ ٽيسٽ جون سهولتون ئي موجود ناهن. ڊاڪٽر ۽ نرسون ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، پر کين حفاظتي سامان ۽ مڇرن خلاف اپاءُ به ناهن ڏنا ويا. حقيقت اها آهي ته سنڌ جو صحت وارو نظام، جيڪو اڳ ئي بدعنواني ۽ خراب انتظام سبب ڪمزور هو، هاڻي هن بيماري هيٺ تباهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي. صوبائي حڪومت جو رويو مڪمل طور تي مايوس ڪندڙ رهيو آهي. صحت جي ماهرن پاران برساتن کان پوءِ ڊينگي وڌڻ بابت بار بار خبرداري ڏيڻ باوجود، ڪا به مؤثر ڪارروائي نه ڪئي وئي. نه وڏي پئماني تي اسپري مهم هلي، نه عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ٿي، ۽ نه ئي بيٺل پاڻي، کليل نالن ۽ گندگي صاف ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڊينگي سنڌ لاءِ نئين بيماري ناهي. گذريل ڏهاڪي دوران هر سال ڊينگي جا دور اچي چڪا آهن، پر هر ڀيري حڪومت گذريل تجربن مان ڪجهه نه سکيو. جامع ڊينگي ڪنٽرول پروگرام ٺاهڻ بدران، حڪومتي ادارا هر سال صرف هنگامي حالتن ۾ قدم کڻندا آهن. جڏهن ته دنيا جا مختلف ملڪ باقاعده منصوبابندي ۽ عوامي شعور ذريعي هن بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. افسوس، سنڌ انهن مان ڪجهه به نه سکيو آهي.

حالتن کي سنڀالڻ لاءِ حڪومت کي فوري ۽ سنجيده قدم کڻڻا پوندا. سڀ کان پهرين ايمرجنسي ريسپانس پلان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، جنهن ۾ وڏي پيماني تي اسپري، مڇرن جو نسل ختم ڪرڻ ۽ عوامي آگاهي مهم شامل هجي. مڪاني حڪومتن کي متحرڪ ڪيو وڃي ته هو روڊن ۽ نالن جي صفائي ڪن ۽ بيٺل پاڻي ختم ڪن. اسپتالن ۾ وڌيڪ بسترا، دوائون ۽ ٽيسٽ ڪِٽ مهيا ڪيون وڃن، ۽ وڏن شهرن ۾ خاص ڊينگي وارڊ قائم ڪيا وڃن. ڳوٺاڻن علائقن ۾ عارضي طبي ڪئمپون لڳائڻ سان مريضن جي رش کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي، حڪومت کي ڊگهي مدي واري پاليسي ٺاهڻي پوندي. بيمارين جي نگراني ۽ اڳڪٿي لاءِ مستقل نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي. اسڪولن ۽ ڪميونٽي سطحن تي ڊينگي کان بچاءَ بابت تعليم ڏني وڃي، جيئن ماڻهو پاڻيءَ جون ٽانڪيون ڍڪڻ، مڇر مار دوا استعمال ڪرڻ ۽ ڪچرو صحيح نموني ۾ ڦٽو ڪرڻ جا عادي ٿين. هي بيماري روڪڻ جوڳي آهي، پر هر سال ماڻهو ان ڪري مري وڃن ٿا جو حڪومت ۽ ادارا پنهنجو ڪم نٿا ڪن. حڪمرانن کي گهرجي ته هو ايمانداري، ۽ ذميواري سان ڪم ڪن. حل فقط عارضي اپائن ۾ نه، پر هڪ مضبوط، شفاف ۽ جوابده صحت نظام قائم ڪرڻ ۾ آهي، جيڪو سياست بدران انسانيت کي اوليت ڏئي، تڏهن ئي سنڌ ڊينگي جي هن ڏکوئيندڙ چڪر مان نڪري سگهندي.