سنڌ ۾ ڊي اوز کانپوءِ 500 ٽي اِي اوز جون پوسٽون ختم: هڪ لک 41 هزار عملو اسڪولن حوالي

  سنڌ ۾ ڊي اوز کانپوءِ 500 ٽي اِي اوز جون پوسٽون ختم: هڪ لک 41 هزار عملو اسڪولن حوالي

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي پاران انتظامي سڌارن لاءِ ڪلسٽر پاليسي تي عملدرآمد ۽ غير ضروري انتظامي عهدا ختم ڪرڻ جي منظوري، ٽي اِي اوز جون 550 پوسٽون پول ۾منتقل ڪرڻ ۽ ٽي اِي اوز آفيسن ۾ موجود هڪ لک 41 هزار تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کي اسڪول ڪلسٽر پاليسي تحت ڪلسٽر حب اسڪولن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو، ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تي نئين سِر انتظامي جوڙ جڪ واري تجويز به منظور ڪئي وئي. ڪالهه تعليم واري وزير سردار شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مالي سال 2025_26ع ۾ صوبي جي 34106 اسڪولن لاءِ جاري ٿيل اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ جي استعمال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 18 ارب 60 ڪروڙ رقم مختص ٿي، جنهن مان رڳو 34 سيڪڙو رقم استعمال ٿي سگھي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪول ايجوڪيشن، ناڻي کاتي ۽ ٽريزري وچ ۾ رابطا وڌايا وڃن جيئن اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ جي استعمال ۾ آسانيون پيدا ٿي سگھن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڄاڻايل بجيٽ جي استعمال جي سلسلي ۾ ايس او پي سان بِل جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ چيڪ لسٽ جاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ناڻو کاتو ۽ ٽريزري اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ تحت جمع ٿيندڙ بِل هڪ هفتي اندر منظور ڪندا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪول ڪلسٽر پاليسي تحت ٽي اِي اوز آفيسن ۾ هڪ لک 41 هزار کان وڌيڪ تدريسي ۽ غيرتدريسي جاين کي به مرحليوار ڪلسٽر هب اسڪولن ۾ منتقل ڪيو ويندو. جڏهن ته تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن جون 550 جايون به پول ۾ منتقل ڪرڻ سان گڏ ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تي انتظامي ڍانچي جي نئين سِر جوڙ جڪ واري تجويز کي به منظور ڪيو ويو. هاڻ تعلقي ۾ رڳو هڪ ٽي اي او رهندو ، جنهن کي پڻ اسڪول پول مان پگهار ملندي    
 

ارلي چائلڊ ٽيچرز جي ڀرتي شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: تعليم کاتي پاران سنڌ ۾ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز جي ڀرتي جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اِي اوز کي خط لکي ڀرتين جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 55 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙ اميدوار ڀرتي لاءِ نااهل قرار ڏنل آهن. جڏهن ته ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز جون سڀئي آساميون عورت اميدوارن لاءِ مخصوص آهن.  ڀرتين ۾ معذورن، اقليتن ۽ کدڙن لاءِ مقرر ڪوٽا تي عملدرآمد جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. خط ۾ پاليسي بيان ڪندي چيو ويو آهي ته نيون ٽيچر ٻن سالن تائين ساڳئي اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏينديون.
 

اسڪول بجيٽ لاءِ کاتي ۾ فوڪل پرسن ۽ ضلعن ۾ ڊيسڪ قائم 
 

ڪراچي: اجلاس ۾ لرننگ سپورٽ پروگرام، گرلز ريٽينشن پروگرام، علم اسٽوڊيو ۽ اسڪول هيلٿ اينڊ نيوٽريشن پروگرام لاءِ فنڊن جي ري اپروپريئيشن جي تجويز منظور ڪئي وئي. جڏهن ته اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ لاءِ کاتي ۾ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ ۽ سڀني ضلعي ٽريزري آفيسن ۾ الڳ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.