ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم کاتي پاران خواجه سرائن کي تعليم ڏيڻ لاءِ “ٽرانس جينڊر” پاليسي آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
پاليسي تيار ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري اسڪولز ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کان تفصيلي تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، تعليمي ماهرن کان به خواجه سرائن جي تعليم لاءِ تجويزون گهرايون ويون آهن
ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت ٽرانس جينڊر لاءِ خاص تعليمي پاليسي آڻي رهي آهي
خواجه سرائن کي تعليمي اداري ۾ داخلا ئي نه ٿي ملي، جنهن ڪري هُو تعليمي ميدان واري ڊوڙ ۾ شامل نه ٿا ٿي سگهن