سنڌ ۾ ڪاروڪاريءَ جو “ڪاروبار” … حبدار جاگيراڻي

                 ڪاروڪاري جو مسئلو هاڻ صرف ڪنهن هڪ خاندان، ڳوٺ يا قبيلي جو مسئلو ناهي. اهو سنڌ جي سماجي بناوت ۾ ويٺل ان بيماريءَ جو نالو آهي، جنهن ۾ عورت کي خودمختيار انسان بدران خاندان جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن گهر ۾ غربت وڌي ٿي، مهانگائي نڙيءَ تي نهن ڏئي ٿي ۽ مسلسل بيروزگاري مرد جي انا کي اڊيڙي ٿي، تڏهن اهڙن گهرن ۾ عورت سڀ کان پهرين نشانو بڻجي ٿي. مرد پنهنجي ناڪامي، شڪ، قرض، ڪاوڙ ڪروڌ ۽ خانداني دٻاءُ کي ”غيرت“ جو نالو ڏئي ٿو. جيڪا اصل ۾ غيرت نه آهي؛ پر بربريت جو بڇڙو روپ آهي. گلان ڀارو جو ڪيس اسان کي اهڙي سماج جي اندر کي چيري ڏيکاري ٿو. رپورٽن موجب هوءَ عدالت تائين پهتي. عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ غير محفوظ آهي. عدالت کيس دارالامان موڪلڻ ٿي گهريو، ڇو ته قانون جي نگاهه ۾ هن جي جان کي خطرو هو. پر انهيءَ لمحي پيءُ جو پٽڪو قانون کان وڏو ٿي بيٺو. گلان جي پيءُ پنهنجو پٽڪو هن جي پيرن ۾ رکيو. ڇو ته سنڌي سماج ۾ پٽڪو رڳو ڪپڙو نه آهي؛ اهو عزت، لڄ، ناموس ۽ پيءُ جي آبرو جو اهڃاڻ آهي. گلان ڌيءَ هئي. هوءَ پيءُ جي پٽڪي کي لتاڙي نه سگهي. هن عدالت ۾ بيان ڦيرايو ته هوءَ پيءُ سان وڃڻ چاهي ٿي. پر ڪورٽ کان ٻاهر هن ميڊيا کي جيڪو چيو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ڏکوئيندڙ شاهدي طور رهندو. هن چيو ته، ”مان ڄاڻان ٿي ته مون کي قتل ڪيو ويندو، پر منهنجي ساهه جي قيمت منهنجي پيءُ جي پٽڪي کان مٿي ناهي.” هي جملو سنڌ جي هزارين عورتن جو جملو آهي. گلان ڀاروءَ هڪ ئي جملي ۾ ٻڌائي ڇڏيو ته ڌيءَ جو رت پيءُ جي پٽڪي کان به سستو ئي هوندو آهي. گلان قتل ٿي، پر ان سان گڏ پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ ڀروسو به قتل ٿيو. گلان کي پهريان ڀروسو ٽوڙي قتل ڪيو ويو ۽ آخر ۾ بندوق جي فائر سان قتل ڪيو ويو.

خالده عرف روبينا چانڊيو جو ڪيس سنڌ جي ٻئي زخمي چهري کي ظاهر ڪري ٿو. کيس جرڳي بعد ”ڪاري“ قرار ڏنو ويو. پوءِ قتل جي سزا تي عمل ڪيو ويو. کيس پسٽل جي گولين سان ماري، قتل جي وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي وئي. اها وڊيو ڪنهن فلم جو منظر نه هئي. پر دراصل اها سنڌ جي قانون، پوليس ۽ سماج جي ناڪاميءَ جي وڊيو هئي. هڪ عورت کي ماڻهن جي سامهون ماريو ويو، ۽ ماڻهو بيٺا رهيا. وڊيو ۾ نظر ايندڙ هر چهرو سَکڻو تماشائي نه هو. پر اهڙي قتل ۾ خاموش رهي قاتلن سان سلهاڙيل رهيو، سهولتڪار رهيو.

اهري صورتحال ۾ خيرپور جي پوليس کان سوال ڪرڻو پوندو ته ڇا جرڳو اوچتو ٿيو هو؟ ڇا بااثر ماڻهن جي گڏجاڻي، الزام، فيصلو ۽ هٿياربند تياري پوليس کان لڪل رهي؟ جيڪڏهن پوليس کي خبر نه هئي ته اها نااهلي آهي. جيڪڏهن خبر هئي ۽ روڪيو نه ويو ته اها شريڪِ جرم جهڙي خاموشي آهي. خالده جو قتل صرف گولي هلائيندڙن نه ڪيو. اهو قتل جرڳي، قبيلائي سرداري سوچ، ڀوتارن جي پٺڀرائي، پوليس جي ڪمزوري/نااهليءَ ۽ سماج جي خود غرض خاموشي گڏجي ڪيو. اهو منظر ڏسي لڳي ٿو ته سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ قانوني رياست بجاءِ قبائلي طالبانيت جو راڄ آهي.

شمائله چانڊيو جو نالو به ساڳي فهرست ۾ اچي ٿو. پسند، ناپسند، شادي، وراثت يا گهر جي اڻبڻت ۾ عورت کي ئي سزا ملندي آهي. ڇوڪري جيڪڏهن پنهنجي مرضي ظاهر ڪري، ته ڪيترن گهرن ۾ ان کي بي حيائي سڏيو وڃي ٿو. مرد جي ضد کي خانداني عزت چيو وڃي ٿو، ۽ عورت جي مرضيءَ کي بغاوت. اهو ئي پدري سماج جو زهريلو بنياد آهي.

فهيميدا لغاري جو واقعو پڻ  ٻڌائي ٿو ته عورت جو عدم تحفظ صرف ڳوٺن ۾ ناهي. تعليمي ادارا، هاسٽلون ۽ شهر به هن خطري کان خالي ناهن. جيڪڏهن هڪ پڙهندڙ ڇوڪري هراسمينٽ ۽ دٻاءُ سبب زندگيءَ تان هٿ کڻي ٿي، ته اها پڻ سماج جي ناڪامي آهي. درسگاهون  جيڪڏهن عورت کي تحفظ نه ڏئي سگهن، ته پوءِ اهي علمي بيباڪيءَ بجاءِ خوف جا قيد خانه بڻجي وڃن  ٿا.

ڪراچي ۾ سالينا، سمرين ۽ ماها جهڙين عورتن جا لاش ملڻ پڻ اهو ٻڌائين ٿا ته عورت لاءِ شهر به ڪوس گھر بڻيل آهن. فليٽ، روڊ، روشنيون ۽ بلند عمارتون ته آهن، پر سوچ اڃا به اونداهي آهي. ڪڏهن شڪ، ڪڏهن گهرو تڪرار، ڪڏهن معاشي دٻاءُ، ۽ ڪڏهن مرد جي مالڪيءَ واري نفسيات عورت کي موت تائين وٺي وڃي ٿي.

رياست هن سڄي صورتحال ۾ اڪثر خاموش تماشائي بڻيل آهي. پوليس جو ڪم زندگيون بچائڻ بدران رڳو لاش ڍوئڻ وڃي بچيو آهي. عدالت جو ڪم صرف بيان لکڻ تائين محدود رهيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو ڪم صرف مذمت ڪرڻ رهيو آهي، پر اسيمبليون اهڙو قانون ٺاهڻ کان مفلوج آهن، جيڪو الزام هڻندڙ، جرڳو سڏائيندڙ، فيصلو ڏيندڙ، سهولتڪار، لاش لڪائيندڙ ۽ ٺاهه ڪرائيندڙ سڀني کي جوابدار بڻائي. انگريز دؤر ۾ نيپئر پاران سنڌ ۽ بلوچستان ڪمشنريءَ ۾ ڪاروڪاري جي ڪيس جي ايف آءِ آر قبيلي جي سردار مٿان ڪاٽڻ جو آرڊر جاري ڪيو ته نيپئر جي ڏينهن ۾ پوري خطي ۾ هڪ به ڪارو ڪاريءَ جو ڪيس نه ٿيو. حقيقت ۾ جيستائين ڪارو ڪاري ڪيس ۾ قاتل سان گڏ سياسي ۽ سماجي پٺڀرائي ڪندڙ قانون جي گرفت ۾ نه ايندا، تيستائين ڪارو ڪاري جو ڪاروبار بند نه ٿيندو.

گلان، خالده، شمائله، فهميدا، سالينا، سمرين ۽ ماها جا قتل صرف خبرون ناهن. اهي سنڌ جي ضمير تي رکيل سوال آهن.ته عورت کي خاندان جي ملڪيت نه سمجهو وڃي، ان کي مرد جيان خواهشن سان ڀريل هڪ انسان مڃڻو پوندو. قانون نافذ ڪندڙن کي وڏيري ڀوتار کان وڌيڪ قانون کان ڊڄڻو پوندو. عدالت کي رسمي ڪارگذاريءَ کان وڌيڪ اڳتي اچي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسيمبليءَ کي لفظن بدران قانون سان بيهڻو پوندو. ٻي صورت ۾ هر نئون ڏينهن ڪنهن نئين گلان، نئين خالده جو لاش کڻي ايندو.