سنڌ ۾ “ڪارو ڪاري” – تاريخي بنياد، سماجي سرشتو ۽ خاتمي جا رستا … ڊاڪٽر اعجاز انڙ

                 سنڌي سماج ۾ “ڪارو ڪاري” هڪ اهڙو دردناڪ سماجي رجحان آهي، جنهن کي اڪثر “غيرت” جي نالي تي جائز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر جڏهن هن “رسم” جو تاريخي، سماجي ۽ قانوني جائزو ورتو وڃي ٿو تہ اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي تہ هي ڪنهن هڪ قبيلي، نسل يا ٻاهرين اثر جو نتيجو ناهي پر هڪ گهڻ پاسائين (multi-layered) سماجي سرشتي جي پيداوار آهي، جنهن ۾ پدرشاهي سوچ، جاگيرداري نظام ۽ ڪمزور قانوني عملداري اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

تاريخي پسمنظر: “غيرت” جو تصور ڪيئن ٺهيو؟

سنڌ جي وچئين دؤر جي سماج ۾ عورت جي حيثيت مڪمل طور آزاد نہ هئي. تاريخي ماخذ جهڙوڪ چچ نامو ۽ ٻين روايتي حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ، “عورتن جي شادي، حرڪت ۽ سماجي رابطن تي ڪنٽرول موجود هو”. خاندان جي “عزت” کي عورت جي عمل سان ڳنڍيو ويندو هو، قبيلائي ۽ برادريءَ جي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ سخت سماجي ضابطا هئا.

                 اهي سڀ عنصر گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا، جتي “غيرت” کي عورت جي جسم ۽ رويي سان ڳنڍي ڏٺو وڃي ٿو. وقت سان گڏ، هي تصور وڌيڪ سخت ۽ پرتشدد صورت اختيار ڪري ٿو، جنهن جو انتهائي روپ “ڪارو ڪاري” جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو.

“ڪارو ڪاري”جي سماجي حقيقت:

“ڪارو ڪاري” صرف اخلاقي الزام جو نتيجو ناهي، پر اهو اڪثر زمين ۽ ملڪيت جي تڪرارن، زبردستي شاديءَ کان انڪار يا ذاتي دشمنيءَ کي لڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اڪثر ڪيسن ۾ عورت تي ڪو بہ حقيقي ڏوهه ثابت نہ هوندو آهي پر کيس صرف شڪ يا الزام جي بنياد تي قتل ڪيو ويندو آهي. يعني: “غيرت” گهڻو ڪري هڪ جواز آهي، اصل سبب طاقت ۽ ڪنٽرول آهي

انگ اکر ۽ مسئلي جي شدت: پاڪستان اندر صورتحال

ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽن مطابق:

هر سال لڳ ڀڳ 300 کان 500 عورتون “غيرت” جي نالي تي قتل ٿين ٿيون ڪجهه سالن ۾ اهو انگ 1000 تائين بہ پهچي ويو آهي. هي اهي ڪيس آهن، جيڪي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

2019: لڳ ڀڳ 430 ڪيس

2020: لڳ ڀڳ 480 ڪيس

2021: لڳ ڀڳ 470 ڪيس

2023: لڳ ڀڳ 226 ڪيس

2024: لڳ ڀڳ 405 ڪيس

2025:لڳ ڀڳ 150 ڪيس

مختلف ادارن طرفان ڪيل سروي موجب اهي انگ اکر مختلف ڄاڻايا ويا آهن، جن مان وڏو تعداد سنڌ ۽ پنجاب مان رپورٽ ٿئي ٿو. انهن ڪيسن ۾ سزا جو تناسب هڪ سيڪڙي کان به گهٽ آهي.

عالمي سطح جي اندازي موجب دنيا ۾ هر سال لڳ ڀڳ 5000 عورتون “honour killing” جو شڪار ٿين ٿيون. جنهن جو مطلب اهو ٿيو تہ هي هڪ عالمي مسئلو پڻ آهي، جيڪو مختلف ثقافتن ۾ مختلف نالن سان موجود آهي.

قانوني ڍانچو ۽ ان جون حدون:

پاڪستان ۾ قتل هڪ سنگين ڏوهه آهي پر “ڪارو ڪاري” جي ڪيسن ۾ قانون اڪثر ناڪام نظر اچي ٿو.

قصاص ۽ ديئت جو قانون:

ملڪ ۾ موجود ان قانون تحت وارث قاتل کي معاف ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيس ختم ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ اڪثر ايئن ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ قاتل ۽ مقتول گهڻو ڪري ساڳئي خاندان جا هوندا آهن. ان جو مطلب تہ قانون پاڻ ئي انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو.

سزا نه ملڻ جا بنيادي سبب:

1.خانداني ۽ سماجي دٻاءُ، شاهد بيان ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا، خاندان پاڻ ئي معاملو لڪائي ڇڏين ٿا

2.جرڳي جو غير رسمي نظام:

ڪيترن علائقن ۾ جرڳا قانون کان مٿانهون عمل سمجهيا وڃن ٿا. اهي قتل کي “جائز” قرار ڏين ٿا ۽ ڪارنھن جي الزام ھيٺ آيل ڌر کان ڏنڊ (چٽي) وٺن ٿا، جيڪا پئسن يا عورت جي صورت ۾ هوندي آهي. 

3.پوليس ۽ عدالتي ڪمزوري: اهو بہ ٻڌڻ ۾ ايندو رھيو آهي ته قاتل ڌر اڳواٽ پوليس سان معاملو طئي ڪندي آهي، انڪري پوليس اهڙي جانچ ئي نہ ڪندي آهي، جو قاتل کي ڪورٽ ۾ سزا اچي سگهي. ان کان علاوه سياسي ۽ بااثر ماڻهن جو اثر معاملي ختم ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.

4.سماجي قبوليت:

اسان کي اها ڳالهه به مڃڻ گهرجي تہ ان خطرناڪ عمل کي سماج جي اڪثريت قبول ڪري ٿي ۽ ڪيترن علائقن ۾ هن عمل کي ڏوهه نه پر “غيرت” سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ايئن نہ هجي ها تہ اهڙن واقعن ۾ وقت سان گڏ گھٽتائي ٿئي ها.

پدرشاهي (Patriarchy) سماجي سرشتو:

پدرشاهي سماج ۾ عورت کي مرد جي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي، سندس زندگيءَ تي مرد جو ڪنٽرول رهي ٿو ۽ اهو جاگيرداري سماجي ڍانچي ۾ جتي طاقت صرف ماڻهن تائين محدود رهي ٿي، قانوني ادارا ڪمزور، تعليم جي کوٽ، انساني حقن بابت ڄاڻ گهٽ آهي ۽ عورت معاشي طور ڪمزور ۽ مرد تي ڀاڙيندڙ آهي، تنهنڪري مزاحمت نٿي ڪري سگهي. پدرشاهي ۽ جاگيرداري سماجي نفسيات عورت دشمن ٿئي ٿي.

ڇا مسئلو صرف قانون سان حل ٿي سگهي ٿو؟… ڪڏهن به نه! جيڪڏهن صرف قانون ڪافي هجي ها، ته هي “رسم” تڏهوڪي ختم ٿي چڪي هجي ها. حقيقت ۾ جڏهن قانون + سماج ۽ معيشت – اهي ٽئي گڏجي تبديلي نٿا آڻين، تيستائين اها “رسم” ختم ڪانه ٿيندي. 

خاتمي لاءِ ڪهڙا اپاء وٺڻ گهرجن؟

1.قانوني سڌارا: ڪارو ڪاري کي ناقابلِ معافي ڏوهه قرار ڏيڻ ۽ رياست کي فريادي بڻائڻ گهرجي.

2.سخت عملداري: پوليس کي سياسي اثر کان آزاد ڪرڻ ۽ خاص عدالتون قائم ڪرڻ.

 3.جرڳن/خانگي فيصلن جو خاتمو ڪرڻ، رياستي انصاف کي مضبوط ڪرڻ.

3.تعليم ۽ شعور: اسڪولن جي نصاب ۾ صنفي برابري ۽ انساني حقن تي سبق شامل ڪرڻ. ميڊيا مهم ۾ “غيرت” جي غلط تصور کي چئلينج ڪرڻ. عورتن کي بااختيار ڪري تعليم، روزگار ۽ قانوني تحفظ مهيا ڪرڻ.

4.معاشي سڌارا: غربت کي گهٽائي معاشي ترقيءَ ۾ عورتن کي شامل ڪري انهن کي خود مختيار بڻائڻ.

اصل مسئلو ڪٿي آهي؟

“ڪارو ڪاري” کي ڪنهن هڪ گروهه/ ذات يا ڪنهن قبيلي سان ڳنڍڻ، اصل ۾ مسئلي تان ڌيان هٽائڻ آهي. اصل مسئلو آهي طاقت جي اڻبرابري، مرد جي حاڪميت ۽ ملڪيت جي تصور جو خاتمو ۽ عورتن جي سماجي حيثيت کي برابري ڏيڻ. جيستائين عورت کي مڪمل انسان طور تسليم نه ڪيو ويندو، قانون حقيقي معنا ۾ لاڳو نه ٿيندو، تيستائين هي ظلم نالن ۽ صورتن جي تبديلي سان جاري رهندو. سوال اهو ناهي ته: “هيء “رسم” ڪڏهن شروع ٿي؟”

پر اصل سوال اهو آهي تہ, “اسان ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترا سنجيده آهيون؟”ڇو تہ قانون لکڻ آسان آهي پر سماج کي بدلائڻ مشڪل آهي ۽ جيستائين سماج تبديل نہ ٿيندو، تيستائين انصاف اڌورو رهندو.