سنڌ ۾ ڪاليجن جا پرنسيپال اربين رپيا کائي ويا: 8 سالن جون فيون سرڪاري ناڻي ۾ جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف: نيب پارن تفصيل طلب

جُولاءِ 9, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي مختلف سرڪاري ڪاليجن جي پرنسپالن پاران شاگردن کان وصول ڪيل داخلا۽ ٽيوشن في 8 سالن تائين سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 نيب اختيارين انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، ڪاليجز کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکي سال 2011 کان 2018 ع  دوران اوڳاڙيل فين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن جي پرنسپالن پاران شاگردن جون فيون هڙپ ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، نيب اختيارين پاران معاملي جي انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي

 ان ڏس ۾ نيب اختيارين ڪاليجز کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته سال 2011 کان 2018ع تائين صوبي جي سمورن سرڪاري ڪاليجن ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جي شاگردن کان داخلا  ۽ ٽيوشن فين جي مد ۾ اوڳاڙيل  رقم توڙي سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيل رقم جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن

 خط ۾ ڪاليجز کاتي جي اختيارين کي پابند بڻايو ويو آهي ته ضلعي سطح تي تفصيل تيار ڪري اماڻيا وڃن ته جيئن نيب پاران شروع ڪيل جاچ کي اڳتي وڌائي سگھجي

 ذريعن موجب ته نيب اختيارين ڪاليجز کاتي کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن شاگردن جي اوڳاڙيل في ۽ سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيندڙ رقم جا تفصيل جمع نه ڪرايا ويا ته لاڳاپيل پرنسپالن ۽ ڊي ڊيز خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو

 هوڏانهن نيب جو خط ملڻ کانپوءِ ڪاليجز کاتي جون اختياريون حرڪت ۾ اچي ويون آهن، سيڪريٽري ڪاليجز پاران صوبي جي سمورن سرڪاري ڪاليجن جي پرنسپالز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته سال 2011 کان 2018ع تائين جا تفصيل جلد اماڻيا وڃن، جيڪي نيب کي اماڻيا ويندا

 خط ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته تفصيل جمع نه ڪرائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment