| سنڌ ۾ ڪرپشن، بيروزگاري جي ذميوار پ پ آهي: راشد محمود |
دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) راشد محمود سومرو جو عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڪرپشن، بي روزگاري ۽ مهانگائي جي سڌي ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي تي عائد ٿئي ٿي، جنهن سنڌ جي عوام کي رڳو ڪوڙا نعرا ڏئي مايوس ڪيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار بچائڻ لاءِ ڪارونجھر سميت سنڌ جي قدرتي وسيلن تي سوديبازي ڪئي آهي، جيڪا سنڌ دشمن پاليسين جو کليل مثال آهي راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته سنڌ جي دولت تي چند ماڻهن جي حڪمراني قبول نه ڪئي ويندي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته سنڌ ۾ 16 لک کان وڌيڪ ٻار تعليم کان محروم آهن، جيڪو صوبائي حڪومت جي نااهلي جو واضع ثبوت آهي. تعليم جهڙي بنيادي حق کان ٻارن کي محروم رکڻ سان سنڌ جو مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته ميرٽ تي پاس ٿيل نوجوان نوڪرين لاءِ سراپا احتجاج آهن، جڏهن ته سفارش ۽ ڪرپشن ذريعي نااهل ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ اميرن ۽ غريبن لاءِ الڳ الڳ تعليمي نظام لاڳو آهي، جيڪو سماجي ناانصافي کي جنم ڏئي رهيو آهي هن هاري طبقي جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته هاري دشمن پاليسين سبب ڪڻڪ، ساريون ۽ ڪمند جا آبادگار سخت پريشان آهن. ڪمند جو اگهه گذريل پنجن سالن کان ساڳيو آهي، جڏهن ته کنڊ جي قيمت ٻيڻي ٿي چڪي آهي، جنهن جو سڌو نقصان آبادگارن کي ٿي رهيو آهي راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي ۽ 400 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿي قيد آهن، پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. هن الزام هنيو ته سردار ۽ قبائلي تڪرار ڪرائي سنڌ ۾ اقتدار ڪيو پيو وڃي، جنهن سان عام ماڻهو غير محفوظ بڻيل آهي.آخر ۾ راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي باشعور ٿي چڪو آهي ۽ هو ڪرپٽ حڪمرانن جو احتساب ڪندو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي حقن لاءِ گڏ ٿي جدوجهد ڪن.