| سنڌ ۾ ڪوڏي ڪوڏي جا رانديگر حڪومتي سرپرستي نه هجڻ سبب مايوس |
باقراڻي(رپورٽ: برڪت بلوچ) سنڌ جي قديم ۽ روايتي راند ڪوڏي ڪوڏي حڪومتي سرپرستي نه هئڻ سبب رانديگر مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن، ڪوڏي ڪوڏي صرف راند نه پر جسماني سگهه، چستي، حڪمت عملي ۽ اجتماعي ورثي جو مظاهرو آهي، راند کي سرڪاري سطح تي اها پذيرائي ۽ اهميت نه ملي سگهي آهي، جيڪا جديد يا ٻين راندين کي ڏني وڃي ٿي، سرڪاري سرپرستي جي کوٽ سبب رانديگر پنهنجي ذاتي وسيلن سان راند کي زنده رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته کين ڪابه باقاعده مالي مدد يا سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن،ان حوالي سان رانديگرن جانِب عمراڻي، منظور ڀٽو، شيش ناگ پنجابي، راڻا رضوان ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوڏي ڪوڏي جي رانديگرن جي سنڌ سرڪار سرپرستي نه ٿي ڪري، پنجاب ۾ رانديگرن کي سهولتون ڏنيون وينديون آهن، پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي ذاتي وسيلن سان ميلن، ميڙن ۽ ثقافتي تقريبن ۾ مقابلا ڪرائي راند کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن مطالبو ڪيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند کي قومي ۽ صوبائي سطح تي متعارف ڪرايو وڃي.