سنڌ ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل: ڪشمور، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد جا ضلعي فوڊ ڪنٽرولر معطل

سنڌ ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل: ڪشمور، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد جا ضلعي فوڊ ڪنٽرولر معطل

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد جا ضلعي فوڊ ڪنٽرولر، سنڌ_پنجاب  دنگ تي شاھ چيڪ پوسٽ جو انچارج  معطل، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خرد برد سميت ڪڻڪ جي ٻين صوبن ڏانهن اسمگلنگ سميت ٻين الزامن هيٺ آيل آفيسرن خلاف ڪارروايون جاري آهن. ڪالهه خوراڪ کاتي جيڪب آباد جي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر نجيب الدين ناريجو کي معطل ڪري سندس جاءِ تي دلشاد سومرو کي مقرر ڪري ڇڏيو ، کاتي جي اختيارين کي 2ڪلاڪن اندر اهو آرڊر ڪينسل ڪرڻو پئجي ويو،  نه رڳو اهو پر معطل آفيسر جي بحالي جو آرڊر  جاري ڪيو ويو اهڙي طرح ڪشمور جي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر مصطفيٰ ميراڻي کي معطل ڪري خادم شر کي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي پڻ ٻن ڪلاڪن اندر بحال ڪيو ويو، هوڏانهن  سنڌ پنجاب جي سرحدي دنگ تي گھوٽڪي جي شاھ چيڪ پوسٽ جي انچارج غلام مصطفيٰ انڙ کي به معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد جي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر محمد فراز عالم کي معطل ڪري پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل احسان الله ڪوري کي مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪجهه ڏينهن اڳ گھوٽڪي مان هٽايل ڊي ايف سي حاڪم مهر جي جاءِ تي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل منور ميراڻي کي ڊي ايف سي گھوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي.