| سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري ۾ سستي: رڳو 1061ٽن خريدڻ جو اعتراف: وڏي وزير جو ناراضپو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري ۾ سست رفتاري، خوراڪ کاتي پاران رڳو 1061ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو اعتراف، 10 لک ٽن جو هدف مڪمل نه ٿيڻ جو خدشو، ان ڏس ۾ سنڌ خوراڪ کاتو ۾امدادي اگھه تي 10 لک ٽن ڪڻڪ خريداري واري هدف جي ڀيٽ ۾ رڳو 1061 ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي. ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ خوراڪ جي وزير مخدوم محبوب الزمان بريفنگ ڏيندي اعتراف ڪيو ته سرڪاري هدف جي مقابلي ۾ خريداري سست رفتاري جو شڪار آهي. هن چيو ته973900 ٽن جي ٽارگيٽ جي مقابلي ۾ رڳو 1061.600 ٽن خريداري ٿي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڄامشوري ۾ خريداري جو هدف 23 هزار 150 ٽن آهي پر خريداري رڳو 450 ٽن ٿي سگھي آهي، اهڙي طرح عمرڪوٽ ضلعي ۾ 122، سانگهڙ ۾ 63 ، بدين ۾ 74 ، ميرپورخاص ۾ 45 ، ٺٽي ۾ 34 ، ٽنڊومحمد خان ۾ 35 ، حيدرآباد ۾ 28 ٽن، نوشهروفيروز ۾ 34 ٽن خريداري ٿي سگھي آهي. وڏي وزير پاران خريداري گھٽ ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي خوراڪ کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته خريداري وارو عمل تيز ڪيو وڃي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته گھٽ خريداري وارن ضلعن تي ڌيان ڏنو وڃي، وڏي وزير چيو ته ضلعي سطح تي ٿيندڙ نااهلي کي خريداري واري حڪمت عملي کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوپن مارڪيٽ جا اگھه امدادي اگھن تي خريداري واري عمل کي متاثر کي متاثر ڪري رهيا آهن، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ اگھه 3400 ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 3340 رپيا رهيو. جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي وڃي ۽ ڪڻڪ جي غير قانوني چرپر ۽ ذخيرو اندوزي کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.