سنڌ ۾ گئس بحران، بحريا ٽائون وارا 190 ملين پائونڊ وٺڻ ۽ ٽنڊي مستي واقعي خلاف ٺهراءُ منظور 

  سنڌ ۾ گئس بحران، بحريا ٽائون وارا 190 ملين پائونڊ وٺڻ ۽ ٽنڊي مستي واقعي خلاف ٺهراءُ منظور 

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ٽنڊي مستي ۾ ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل روبينا چانڊيو واقعي سميت سنڌ ۾ گيس جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ بحريا ٽائون انتظاميا کان اوڳاڙيل 190 ملين پائونڊ سنڌ تي خرچ ڪرڻ وارا ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ڇڏيا. ڪالهوڪي اجلاس دوران متحده ميمبر عادل عسڪري بحريا ٽائون انتظاميا کان سنڌ جي زمين جي اوڳاڙيل 190 ملين پائونڊز مان اسلام آباد ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ بدران اهي پئسا سنڌ تي خرچ ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو. هن ٺھراءُ تي ڳالھائيندي چيو ته بحريا ٽائون ڪراچي مان 60 ارب رپيا اوڳڙيا آھن، اھي پئسا سنڌ جي زمين جا آھن، انھن پئسن تي سنڌ جو حق آھي،  اھي پئسا سنڌ کي واپس ڪيا وڃن. متحده جي ايم پي اي بلقيس مختار ٽنڊو مستي ۾ غيرت جي نالي ۾ قتل ٿيل ناري روبينا چانڊيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيارڻ وارو ٺھراءُ پيش ڪيو، جيڪو پڻ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي گھرو وزير ضياالحسن لنجار چيو ته روبينا کي قتل ڪندڙ سندس مامي، جرڳو ڪندڙ ۽ ويڊيو ٺاھيندڙن سميت 20 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، هن چيو ته هن ڪيس ۾ فريادي قتل ٿيل ناري جو ڪو وارث نه پر سرڪار پاڻ  آھي، هن چيو ته   ھي افغانستان نه پر پاڪستان آھي، جوابدارن کي ملڪي  قانون ۽ آئين موجب سزا ڏني ويندي. صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو ڳالهائيندي چيو ته اسان انهي قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا. جرڳا ڇو ٿين ٿا؟ ڪارو ڪاري جي واقعن تي جرڳا نه ٿيڻ گهرجن، روبينا پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي، اسلام کيس اهو حق ڏنو آهي، انهي کي ڪارو ڪاري ڇو چيو وڃي ٿو؟ هي غيرت جي نالي ۾ قتل نه پر بي غيرتي وارو قتل آهي.  پ پ ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي چيو ته ماڻهن جي سوچ تبديل نٿي ٿئي، قتل ڪندڙ وڊيوز ۾ فخر ڪندي نظر اچي رهيا آهن. اهڙي طرح ته جانورن کي به ذبح نٿو ڪيو وڃي، جيئن عورتن کي ذبح ڪيو وڃي ٿو. حوا جي ڌيئرن کي قتل ڪرڻ بند ڪيو وڃي. مخالف ڌُر جي ميمبر اويس احمد جو سنڌ ۾ گيس جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو. اهڙي طرح پي ٽي آءِ ايم پي اي سجاد سومرو پاران سموريون  اليڪٽرڪ گاڏيون خريد ڪرڻ واري پاليسي ٺاھڻ وارو ٺھراءُ پڻ اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو.
 

ڪراچي: اسپيڪر متحده ميمبر پاران ٻارڙن کان پورهيو وٺڻ واري پيش ڪيل مهملي واري رٿ  رد ڪري ڇڏي. متحده ميمبر عامر صديقي ٻارڙن کان پورهيو ڪرائڻ  بابت مھملي واري رٿ پيش ڪئي. جنهن تي اسپيڪر چيو ته ليبر وارو وزير سعيد غني 27 مئي تائين موڪل تي آهي، صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته پ پ حڪومت دوران چائلڊ ليبر بابت قانون جوڙيا ويا آهن، اسان تحريڪ جي مخالفت ڪريون ٿا. جنهن بعد اسپيڪر اويس قادر شاهه رٿ رد ڪري ڇڏي.