| سنڌ ۾ گرمي جا ڪلور: 2 ٻار فوت، اڄ کان 5 ڏينهن هيٽ ويو، پارو 49 ٿيڻ جو خطرو |
ڪراچي (نمائندن وٽان) گرمي جي ڪلور: دولتپور لڳ 2 معصوم ڀائر شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت: ڪهرام، ان ڏس ۾ دولتپور صفن ويجهو ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ هاري جلال جوکيو جا 2 معصوم پٽ 10 ورهين جو عبدالرزاق جوکيو ۽ 8 ورهين جو فرحان جوکيو ملواح شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، ان حوالي سان محمد علي جوکيو ٻڌايو ته ٻئي ڀائر وهنجڻ لاءِ شاخ ۾لٿا هئا، پاڻي جي تيز وهڪري سبب اهي ٻڏي ويا، اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن ٻنهي ٻارڙن کي پاڻي مان ڪڍي دولتپور صفن اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻنھي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ٻنهي معصوم ٻارڙن جا لاش پھچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، واضح رهي ته جلال جوکئي کي 2 پٽن جو اولاد هو. ڪالهه سموري سنڌ ۾ سخت گرمي رهي نوابشاهه ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، سکر ۾ 44، ميرپورخاص ۾ 43 ۽ لاڙڪاڻي ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو. ان جي باوجود شهري علائقن ۾ 12 ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 18 ڪلاڪ تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ به جاري رکي وئي، موسيمات کاتي اڄ کان 11 مئي تائين سخت گرمي، هيٽ ويو جو خدشو ظاهر ڪندي گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته دادو، شهيد بينظيرآباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعن ۾ گرمي پد 47 کان 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. ماهرن هدايت ڪئي آهي ته شهري اُس ۾ ٻاهر نه نڪرن، وڌ کان وڌ پاڻي واپرائن، هيٽ ويو دوران ٻار، بزرگ ۽ بيمار ماڻهو خاص احتياط ڪن.