سنڌ ۾ گرمي سبب گيسٽرو ۾ واڌ: عورت فوت: ڪيترائي مريض اسپتالن داخل

جُولاءِ 1, 2023

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گرمي سبب گيسٽرو وڌي وئي آهي جڏهن ته اسپتالون پڻ مريضن سان ڀرجي ويون آهن، گرمي جي سٽ نه سهندي عورت فوت ٿي وئي

لاڙڪاڻي ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو وڌي وئي آهي جڏهن ته گرمي جي سٽ نه سهندي رحمت پور پاڙي جي رهواسڻ55ورهين جي روشنان خاتون تنيو فوت ٿي وئي

بجلي جي بندش دوران ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن جن کي شهر جي مختلف  اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي

گمبٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو  وڌڻ ڪري 120 مريض گمس سٽي اسپتال داخل ڪيا ويا آهن جن جو  علاج هلندڙ آهي، گيسٽرو مريضن ۾ واڌ سبب وڌيڪ ٻه وارڊ کوليا ويا

 ان سلسلي ۾ گمس سٽي اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته سخت گرمي ۽ گرم کاڌا واپرائڻ سبب گيسٽرو ۾  واڌ ٿي وئي آهي، هڪ ڏينهن اندر 120 گيسٽرو ۾ ورتل عوتن مردن ٻارڙن عورت مسمات نذيران خاتون جعفر علي نسيبان خاتون مکڻي خاتون سيما خاتون مائي ارشاد خاتون نسيم علي شمس الدين رابيل عبدالوحيد مظهر علي سميت ٻين کي داخل ڪيو ويو آهي

ڊيوٽي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته گيسٽرو جي مرض کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي پاڻي گهڻو وارائڻ گهرجي ۽ گرمي ۽ گرم کاڌن کان پاسو ڪري ٿڌيون شين سميت پاڻي جو گهڻو  استعمال ڪري پاڻ کي گيسٽرو جي وبا کان بچائي سگهجي ٿو

جاتي شهر ۽ مختلف ڳوٺن ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مريضن ۾ واڌ سبب تعلقي اسپتال ۾  بيڊ کٽي ويا آهن، وارثن جو چوڻ آهي ته تعلقي اسپتال ۾ رڳو هڪ ڊاڪٽر آهي، بيڊن جي کوٽ سبب مريض فرش تي پيل آهن

Leave A Comment