سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمن جي ڀرتين تي پابندي ۾ واڌ: واضح ٿيڻ گهرجي ته اشتهارن تي ڀرتيون ٿيون يا ڪيون وينديون: سنڌ هاءِ ڪورٽ

مارچ 18, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گريڊ هڪ کان پندرهين تائين ملازمن جي ڀرتين تي لڳايل پابندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي سيسي کان ڀرتين جا تفصيل طلب ڪيا ويا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي صوبي ۾ سرڪاري ملازمن جي ڀرتين تي پابندي بابت ٻڌڻي ٿي، سيسي جو وڪيل بئرسٽر صلاح الدين عدالت آڏو پيش ٿيو

ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم جي درخواست تي عدالت صوبي ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي هئي، عدالت چيو ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته جاري ڪيل اشتهارن تي ڀرتيون ٿيون يا ڪيون وينديون، جيڪڏهن ڀرتيون ڪيون ويون آهن ته اهو الڳ معاملو ٿي ويندو

عدالت چيو ته ڀرتيون ٿيڻ جي صورت ۾ جنهن کي نوڪري ملي آهي ان جو به قانوني حق بڻجي ٿو، عدالت سيسي کان ڀرتين جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول