ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ هڪ کان 15تائين جي نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي
عدالت پاران ڌرين کي ٽن ڏينهن اندر نوٽيس تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪنهن به ڌر کي نوٽيس ۽ درخواست جي ڪاپي نه ملي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اداري وٽ درخواست جي ڪاپي نه هجي ته جواب ڪيئن ڏيندو
ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته سڄي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي، سموريون نوڪريون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالتي حڪمن باوجود سڄي سڄي رات آفيسون کليل رهيون
ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته پراڻين تاريخن ۾ اپائنٽمينٽ ليٽر ڏنا ويا ۽ اهو ڪم 10 ڏينهن هلندو رهيو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وڃي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪيترين نوڪرين جا اشتهار ڏنا ويا ان جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي
ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنر جي نوڪري ڏني پئي وڃي، عدالت سنڌ ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين جي نوڪرين تي اسٽي برقرار رکندي چيف سيڪريٽري کان تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪيس جي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي