| سنڌ ۾ گريڊ 4 تائين ڀرتين تان پابندي ختم: آفر ۽ جوائننگ آرڊر ڏيڻ جو حڪم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان 4 تائين جي سرڪاري نوڪرين تان پابندي هٽائڻ بعد هڪ کان 4 گريڊ جي ڀرتي ٿيل ملازمن کي آفر ۽ جوائننگ آرڊر ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت هڪ کان 4 گريڊ تائين جي سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ سروسز کاتي پاران سنڌ ڪابينا جي فيصلي تي عمل لاءِ سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي آگاهي لاءِ سرڪيولر جاري ڪيو آهي، سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2021-22 جي اشتهارن تحت ٿيل چونڊ ڪاميٽي جي منٽس جي مُدي ۾ 30 جون 2026 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته آفر آرڊر ۽ جوائننگ ڏيڻ کان اڳ ڀرتي اختيارين پاران قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن.