سنڌ ۾ گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم: لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص جي ڊي آءِ جيز کي شوڪاز نوٽيس جاري
مَي 18, 2023
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو ۽ ماوو وڪڻدڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو جي ڊي آءِ جيز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ بينچ ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم باوجود جواب داخل نه ڪرڻ تي ڊي آءِ جي، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته عدالت ڊي آءِ جي ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
عدالت ٽنهي ڊي آءِ جيز کي حڪم ڏنو ته ماوا وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي عدالت ٽنھي ڊي آءِ جيز کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪئي ھئي
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ مزمل ممتاز چيو ته آءِ جي سنڌ گٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي آھي، ٽاسڪ فورس سٺي ساک رکندڙ آفيسرن تي مشتمل آهي، جيڪا ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي
ايڊووڪيٽ مزمل ممتاز چيو ته ٽاسڪ فورس اعليٰ پوليس آفيسرن جي سرپرستي ۾ گٽڪو ماوا ٺاهڻ جون فيڪٽريون هلائيندڙ ايس ايڇ اوز خلاف به ڪارروائي ڪئي آهي، عدالت آءِ جي سنڌ جي ٽاسڪ فورس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو
جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته پوليس جيڪڏهن سٺو ڪم ڪندي ته ان جي حمايت ضرور ڪنداسين، عدالت گٽڪو کائڻ سبب ڪينسر وگهي فوت ٿيل ٻن ڀائرن جي خاندان جي مدد جو به حڪم ڏيندي چيو ته سليم حيدر ۽ نسيم حيدر جي خاندان کي سوشل ويلفيئر بورڊ ذريعي ڪفالت ڪئي وڃي
عدالت حڪم ڏنو ته گٽڪو، ماوا ۽ ٻين مضر شين جي وڪرو خلاف ڪارروائي جاري رکي وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي سيپٽمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي