سنڌ ۾ 1046 اي ايس آئيز ڀرتي ڪرڻ جي منظوري: رينجرز کي 35 ڪروڙ ۽ پولنگون بڻايل 9901 اسڪولن کي 3 ارب ڏيڻ جو فيصلو
ڊسمبر 2, 2023
ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ ڪابينا پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آئيز) جي ڀرتين، ٻوڏ کان بچاءُ وارن منصوبن لاءِ 11.97 ارب رپين جو قرض وٺڻ ۽ رينجرز جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 35 ڪروڙ 70 لک رپيا منظور ڪرڻ وارا اهم فيصلا ڪري ڇڏيا، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنن طور استعمال ٿيندڙ 9901 اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ ڪراچي ريجن جا 1015، حيدرآباد ريجن جا 4520 ۽ سکر ريجن جا 4366 اسڪول شامل آهن. ڪابينا انهن اسڪولن جي مرمت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ 3.3 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس کي گهرو کاتي ٻڌايو ته پوليس کاتي 1046 اي ايس آئيز جي ڀرتي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي درخواست موڪلي آهي. صوبائي ڪابينا 2001-05-29 تي ٿيل اجلاس ۾ اي ايس آءِ جي پوسٽ تي ڀرتي لاءِ تعليمي قابليت انٽرميڊيٽ کي قرار ڏنو هو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ پوليس ۾ (شهيد، فوتي، مستقل غير فعال يا نااهل ڪوٽا) ريڪروٽمينٽ رولز 2021 تحت اي ايس آءِ جي پوسٽ لاءِ گهربل قابليت گريجوئيشن آهي، جڏهن ته 29 مئي 2001ع واري ڪابينا جي فيصلي موجب گهربل اهليت سيڪنڊ ڪلاس انٽرميڊيٽ آهي. ڪابينا اي ايس آئيز جي ڀرتين لاءِ گريجيوئيشن لازمي قرار ڏيندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتي جي منظوري ڏني، گهرو کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان رينجرز پنهنجي هنگامي شعبي ۾ واٽر ڪينن، ڪوئڪ ريسپانس فورس لاءِ گاڏين ۽ قابل اعتماد مواصلاتي اوزان کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 3.57 ملين رپين جي درخواست ڏني آهي. جنهن تي ڪابينا گهربل فنڊن جي منظوري ڏني. ڪابينا کي سنڌ ۾ مقرر فرنٽيئر ڪانسٽيبلري( ايف سي ) بابت ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت 2005ع کان 2008ع تائين سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ سول انتظاميا جي مدد لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري مقرر ڪئي هئي، وفاقي حڪومت پاران دعويٰ ڪيل رقم ۾ پگهارن جا 149563697 رپيا، الائونسز جا 77340849 رپيا ۽ انٽرنل ڊيوٽي جا 77340849 رپيا شامل آهن، اها رقم 226.902 ملين رپيا ٿئي ٿي، ڪابينا ايف سي جي مد ۾ وفاقي رهتن جي ادائگي لاءِ 226.902 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٿر ڪول ۾ ايندڙ گوراڻو ڊيم پراجيڪٽ جي متاثرين کي معاوضي جي ادائگي بابت توانائي کاتي ٻڌايو ته ٿر ڪول بلاڪ 2 ٺهڻ سان 757 خاندان متاثر ٿيا آهن. ڪابينا 2029ع ۾ گوڙاڻو ڊيم منصوبي جي متاثر خاندان لاءِ 100000 رپيا سالياني معاوضي جي منظوري ڏني، ان ڏس ۾ ڪابينا ٿر فائونڊيشن کي 757 خاندانن لاءِ 90 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تصديق کانپوءِ 757 بدران 501 متاثر خاندانن جي نشاندهي ٿي، 21-2020ع ۾ 50.1 ملين رپيا ورهايا ويا، جڏهن ته 27.4 ملين رپيا بچي ويا، 2021-22 ۾ 50.1 ملين رپيا جاري ٿيا. جڏهن ته 32.883 ملين رپيا پٺتي بچيا. جنهن ۾ بينڪ جو منافعو 5.483 ملين رپيا شامل آهي. هيل 51.159 رپيا متاثر خاندانن ۾ ورهائڻا آهن، هن وقت 32.883 ملين رپيا موجود آهن، باقي 18.216 ملين رپيا کٽن ٿا. ڪابينا گوراڻو پراجيڪٽ جي متاثرن کي معاوضي لاءِ بجيٽ کان ٻاهر 18.216 ملين رپيا (کوٽ) جي منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) کي آڪٽوبر 2023ع ۾ ختم ڪيو ويوآهي، ايل ڊي ايز جي ملازمن کي مڪاني کاتي جي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو. جيڪو کين سندن اباڻي ضلعن ۾ ضم ڪندو، سنڌ ڪابينا صحت کاتي جي درخواست تي سکر ضلعي جي ديهه نندو ڪوهستان ۾ 3 ايڪڙ زمين مفت ۾ الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صحت کاتو انهي زمين تي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهيبليٽيشن جو سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪندو. سنڌ ڪابينا حيدرآباد واري پبلڪ اسڪول جي ڪمشنر حيدرآباد جي سربراهي ۾ جڙيل بورڊ آف گورنر کي بحال ڪري ڇڏيو، بورڊ جي غير سرڪاري ميمبرن ۾ طارق شاهه ڄاموٽ، اعظم ڌامراهه، جسٽس (ر) همايون خان، پروفيسر فتح محمد مري ۽ رمشا ٽالپر شامل هوندا. ڪابينا سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز لاءِ آصف حيدر مرزا (سي ايف اي) جي نامزدگي جي منظوري ڏني، جڏهن ته ٻئي ميمبر لياقت علي جي نالي تي غور سندس بايو ڊيٽا ڪابينا ميمبرن کي فراهم ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويندو، جڏهن ته پلاننگ جو چيئرمين شڪيل مڱڻيجو اڳوڻو ڊائريڪٽر هوندو ۽ بورڊ جو چيئرمين هوندو. نگران ڪابينا اينگرو پاورجن ٿر (پرائيويٽ) لميٽيڊ کي ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جا ڪوئلي سان هلندڙ 2 پاور پلانٽ گرائونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪابينا سنڌ شهيدن جي سڃاڻپ ۽ معاوضي رولز 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي.