سنڌ ۾ 1600 ٻارن کي فقيرن کان بازياب ڪرايو: طارق ٽالپر 

سنڌ ۾ 1600 ٻارن کي فقيرن کان بازياب ڪرايو: طارق ٽالپر 

ڪراچي: سنڌ جي سماجي ڀلائي واري وزير مير طارق ٽالپر چيو آهي ته سندس کاتي گذريل پنجن سالن دوران 1600 ٻارن کي فقيرن کان بازياب ڪرايو آهي. سنڌ ۾ ٻارن لاءِ 3 مرڪز ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ قائم آهن، جتي 17 سالن تائين جي عمر جا ٻار رکيا ويندا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ٻارن سان لاڳاپيل هيلپ لائين 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 5 کان 17 سالن جي عمر جو ڪو ٻار ڪم ڪري ٿو ته اهو چائلڊ ليبر جي ذمري ۾ اچي ٿو. اسان ليبر ڊپارٽمينٽ سان گڏجي چائلڊ ليبر خلاف ڪم ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪابينا اين جي اوز جا لائسنس رد ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. گذريل ٻن سالن دوران ڪنهن به اين جي او جي رجسٽريشن رد ناهي ٿي، هن چيو ته ٻارن جي اسمگلنگ جو معاملو سماجي ڀلائي کاتي جي دائري ۾ نٿو اچي.