ڪڻڪ خريداري ۾ سنڌ حڪومت کي 3 ارب 22 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ جو انڪشاف

مَي 10, 2024

سنڌ ۾ 2022 دوران خوراڪ کاتي جي آفيسرز پاران ڪڻڪ ۾ مٽي ملائي سرڪاري خزاني کي سوا 3 ارب روپين جو نقصان پهچائڻ جو انڪشاف، وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم 205 صفحن تي ٻڌل پنهنجي رپورٽ چيف سيڪريٽري کي پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022 جي ٻوڏ بعد خوراڪ کاتي جي آفيسرن ڪڻڪ جي 3 لک 79 هزار ٻورين ۾ مٽي ۽ غير معياري ڪڻڪ ملائي، رپورٽ موجب انسپيڪشن ٽيم صوبي جي 14 ضلعن ۾ ڪڻڪ جي گودامن جو جائزو ورتو، رپورٽ موجب برساتن دوران ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرز ڪڻڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم نه کنيا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جا انتظام نه ڪرڻ سبب وڏا ذخيرا خراب ٿي ويا، ڪڻڪ جي ٻورين جو وزن پورو ڪرڻ لاءِ انهن ۾ مٽي ۽ غير معياري ڪڻڪ ملائي وئي، ڪڻڪ خراب ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪرمنل ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش، هٿرادو ۽ جعلي نقصان ٻڌائي رقمون اوڳاڙيندڙ آفيسرن کان رقمون واپس وٺڻ جي به سفارش، رپورٽ موجب ڄامشورو ضلعي ۾ سرڪاري خزاني کي 9 ڪروڙ 37 لک ۽ دادو ضلعي ۾ 56 ڪروڙ 93 لک روپين جو نقصان پهچايو ويو، گهوٽڪي، خيرپور ميرس، ڪشمور، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ نوشهرو فيروز ۾ به ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو ويو، ملير ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن سرڪاري خزاني کي هڪ ارب 75 ڪروڙ روپين جو نقصان پهچايو

Leave A Comment