سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر برسات، آچر تي گرمي جو امڪان

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر برسات، آچر تي گرمي جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ، طوفان ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي ڪندي امڪاني خطرن ۽ آفتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جن ۾ زوب، ڪوئيٽا، زيارت، قلات، قلعه سيف الله، پشين، مستونگ، بارکان، قلعه عبدالله، چمن، نوشڪي ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن. اهڙي ريت گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ريجن ۾ گلگت، اسڪردو، هنزا، نگر، غذر، ديامر، استور، کپلو، شگر، مظفرآباد، باغ، حويلي، پونڇ، وادي نيلم، ڪوٽلي، ميرپور ۽ ڀمڀر ۾ برسات، آنڌاري ۽ ڳڙي جو امڪان آهي جڏهن ته مٿانهن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي برفباري جو امڪان پڻ آهي. خيبرپختونخوا ۾ چترال، دير، سوات، ڪالام، منگورا، بٽگرام، پشاور، صوابي، نوشهرا، مردان، چارسدا، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ، ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ طوفاني هوا جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ مري، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، گوجر خان، جهلم، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، منڊي بهاءُ الدين، سيالڪوٽ، نارووال، سرگوڌا، چنيوٽ، جھنگ، فيصل آباد، لاهور، ساهيوال، اوڪاڙا، قصور، گوجرا، ليه، ميانوالي، بوري والا، ملتان ۽ ڊي جي خان ۾ برسات، آنڌاري ۽ ڳڙي جو امڪان آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڳڙي ۽ طوفان سان برسات پئي. جڏهن ته آچر تي ڪراچي ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.