| سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 641 نوان ڪيس ظاهر |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي وائرس جا 641 نوان ڪيس ظاهر، ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين ڄاڻايو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 70 ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 85 نوان مريض داخل ٿيا آهن رڳو ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 27 ۽ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن 25 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح سرڪاري اسپتالن مان 82 مريض صحتياب ٿي گھرن ڏانهن هليا ويا آهن، ليبارٽرين جي رپورٽس موجب 641 ٽيسٽ مثبت ظاهر ٿيا آهن، جن مان ڪراچي جي ليبارٽرين ۾ 325 ۽ حيدرآباد جي ليبارٽرين ۾ 316 ڪيسز مثبت طور سامهون آيا آهن