ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ ۾ 3 اهم کاتن جا نه وزير مقرر ٿيا نه ئي وري امڪاني صلاحڪارن جو ڪو فيصلو ٿي سگهيو
سنڌ جي نگران ڪابينا ۾سڌ سماءُ، ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتو رهيل، ٽئي اهم کاتا وزيرن کي الاٽ نه ٿي سگهيا آهن
ذريعن موجب سڌ سماءُ جو کاتو احمد شاھه، سهيل سانگي ۽ شاهد جتوئي مان ڪنهن هڪ کي الاٽ ٿيندو، خوراڪ کاتو مڪيش ڪمار چاولا ۽ نادر مگسي مان ڪنهن هڪ کي ملندو
امڪاني صلاحڪارن جو فيصلو به ناهي ٿي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي لاءِ ڄيٺانند هيراڻي، حسن خان ۽ عامر جميل جا نالا شامل آهن