سنڌ ۾ 30 جون تائين پراپرٽي ٽيڪس ادا نه ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

جُون 3, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ حبيب جمالي) سنڌ حڪومت پاران 30 جون تائين پراپرٽي ٽيڪس جون رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سنڌ اربن پراپرٽي ٽيڪس ايڪٽ 1958ع  تحت جائداد ضبط ڪري نيلامي ڪئي ويندي

ان حوالي سان ڪالهه مڪاني کاتي جي ايڊيشنل  چيف سيڪريٽري سيد نجم شاھ جي صدارت هيٺ ٽيڪس اوڳاڙي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پراپرٽي ٽيڪس جون رهتون 30 جون تائين ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته صنعتي، رهائشي ۽ ڪمرشل پراپرٽيز جا ٽيڪس اوڳاڙيا وڃن، باقيدارن کي 30 جون تائين جو فائنل وقت ڏيڻ بعد ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي

ان موقعي تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرائي سندن پراپرٽي نيلام ڪئي ويندي

هوڏانهن سنڌ ۾ ٽيڪس نه ڏيندڙ گاڏين کان ٽيڪس وصولي جي مهم 5 جون کان شروع ٿيندي، جيڪا 16 جون تائين جاري رهندي

صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا موجب سڄي صوبي ۾ ٽيڪس نه ڏيندڙ گاڏين کان ٽيڪس وصولي لاءِ روڊ چيڪنگ مهم سومر 5 جون کان شروع ٿي رهي آهي

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ روڊ چيڪنگ مهم لاءِ 9 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، شهر ۾ 37 هنڌن تي چيڪنگ ڪئي ويندي، ٽيڪس نه ڏيندڙ گاڏين جا مالڪ فوري طور تي پنهنجو ٽيڪس ڪليئر ڪرائين

Leave A Comment