سنڌ ۾ 36 ڪلاڪن کان برسات: ڪيترائي گهر پٽ: 6 ڄڻا فوت: اسڪولن جون موڪلون: سڄي صوبي کي خطرو آهي: مراد علي شاهه
آگسٽ 29, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ جاري چوماسي جي وسڪارن جا راڱا، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، 6 ڄڻا فوت، مختلف ضلعن ۾ اسڪولن جون موڪلون ڪيون ويون، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي کي خطرو آهي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڪالهه به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو رھيو، مختلف حادثن ۾ زال ۽ مڙس سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، گلشن معمار جي افغان بستي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زال مڙس فوت ۽ ٻارڙي زخمي ٿي پئي، برسات سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جو نظام پڻ متاثر رھيو، جڏهن ته ڪيترن ئي ھنڌن تي پاڻي پڻ بيھي رھيو، هوڏانهن موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آھي ته برسات جو موجوده سلسلو 31 آگسٽ تائين جاري رھندو، جنهن دوران ڪراچي ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي۔ ھوڏانھن برسات سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جو نظام پڻ متاثر رھيو ـ جڏهن ته ڪيترن ئي ھنڌن تي پاڻي پڻ بيھي رھيو ھو، ٻئي طرف ملير جي مختلف علائقن گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، پپري، شاهه ٽائون، شاهه لطيف، ڪاٺوڙ، گهگهر، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، گڏاپ ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ ڪري هيٺيائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. پپري ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ ڪري 2 مينهون مري ويون. حيدرآباد شهر جي سبزي مارڪيٽ حالي روڊ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 7 سالن جو نينگر علي حسين فوت ٿي ويو جڏهن ته گهر جا 4 ڀاتي زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مجيد ولد غفار گدي پٺاڻ، عماره بنت غفار ۽ ارباز ولد فريد شامل آهن. چمبڙ شھر جي ڪالرو پاڙي ۾ واڙي جي ڇت ڪري پئي، نتيجي ۾ 20 ورھين جو نوجوان صفدر ڪالرو فوت ٿي ويو، اعظم ڪالرو زخمي ٿي پيو ٽنڊوباگي جي ڳوٺ متو راهوڪڙو، پهاڙ مري سميت ٻين علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا قمبر ۽ ڀرپاسي برسات جو سلسلو جاري، پلوڙو ڪرڻ سبب نوجوان ضامن علي سخت زخمي ٿي پيو، قمبر اسپتال آندو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، بهرام ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو، ھيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو، مسلسل هلندڙ برسات غريبن جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، ساريال فصل ۾ برسات جي پاڻي سبب ڪاپاري نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي برسات جو سلسلو ٽئين ڏينهن به وقفي وقفي جاري رهيو، چوٽياريون ۽ اڇڙو ٿر ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان تيز هوا سان گڏ برسات پئي، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا، جهول ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، شاهپورچاڪر ۾ برسات جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، سانگهڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل رات کان تيز هوائن سان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، ٽنڊو محمد خان ۾ گهر ڊهڻ سبب زال مڙس شريمتي لالي ۽ سندس مڙس لکمڻ ڪولهي زخمي ٿي پيا، تيز طوفان هوائن سبب ڪيترن ئي دڪانن ۽ هوٽلن جا ڇپڙا ڊهي پيا شھدادڪوٽ شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، هيٺانهين وارن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيهي ويو، مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو، برسات سبب ڪريل بجلي جا پول نه لڳي سگهيا، جنهن ڪري گذريل 36 ڪلاڪن کان شھدادڪوٽ شھر جي سڀني فيڊرن جي بجلي مڪمل طور بند آهي، ٽنڊي الهيار ۾ برسات سبب مختلف علائقن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو اڏيرولال، ٽنڊي غلام حيدر ۾ به برسات پئي، ٻئي طرف تعليم کاتي برسات دوران اسڪول بند رکڻ جا اختيار ڊي سيز کي ڏئي ڇڏيا، ڪراچي ۾ سينٽرل ڊي سيز پاران سڀاڻي ضلعي ۾ تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن جي ڊي سيز به سڀاڻي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڊي سيز جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل علائقن ۾ سڀاڻي تيز برسات جي امڪان سبب نجي توڙي سرڪاري اسڪول بند رکيا ويندا، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ بعد ننڍن جهازن کي اُڏام ڪرڻ کان روڪيو ويو
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوبي جي برسات سٽيل علائقن جا طوفاني دورا، وڏي وزير ملير، گهارو، ٺٽو ۽ سجاول جو دورو ڪرڻ بعد بدين پهچي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو خطرو اڃا برقرار آهي، ڏکين گهڙين ۾ سنڌ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، درياهي وهڪرا نارمل وهي رهيا آهن، ٺٽي ۽ سجاول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪابينا جا ميمبر، انتظاميا ۽ حڪومتي نمائندا عوام جي مدد لاءِ موجود آهن، 2022 جي برسات متاثرن لاءِ 2 لک گهر ٺهرائي چڪا آهيون، رهيل گهر به جلد مڪمل ڪيا ويندا، وڏي وزير مراد علي شاهه برسات سٽيل ضلعن جو دورو ڪرڻ دوران هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، گگهر ڦاٽڪ ويجهو روڊ تي پاڻي بيٺل ڏسي وڏي وزير پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار، ڊي سي ملير کي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرائڻ جو حڪم، وڏي وزير ملير نديءَ جو جائزو به ورتو ۽ پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن مان فوري طور برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات، ملتان ۾ هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا، گجرات، حافظ آباد ۾ به روڊ رستا تلاءَ بڻجي ويا، سرگوڌا، راجنپور، بهاولپور ۾ وسڪارو پيو، بهاولنگر ۾ ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي ٿي پيا، ملتان ۾ ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، 2 زخمي ٿي پيا
ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 2 مهينن ۾ 245 ماڻهو فوت
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻن مهينن ۾ 245 ماڻهو فوت ٿي ويا. اين ڊي ايم اي پهرين جولاءِ کان 27 آگسٽ تائين برساتن سان ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب پهرين جولاءِ کان 27 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 245 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ 121 ٻار ۽ 48 عورتون به شامل آهن. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ 92 ماڻهو پنجاب ۾ فوت ٿيا، ان کانپوءِ خيبر پختونخوا ۾ 74، سنڌ ۾ 47، بلوچستان ۾ 22، ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 ماڻهو فوت ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان دوران 446 ماڻهو زخمي به ٿيا، جن ۾ 158 مرد، 107 عورتون ۽ 181 ٻار شامل آهن، 1002 گهر مڪمل ۽ 3475 گهر جزوي طور تباهه ٿيا، 8 اسڪولن، 35 پلن کي به نقصان پهتو، 609 جانور به مري ويا.
سنڌ ۾ برسات دوران اسڪولي موڪلن جا اختيار ڊي سيز حوالي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال دوران اسڪولن جي موڪلن جا اختيار لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين صوبي جي سمورن ڊي سيز کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال دوران اهي تعليم کاتي جي لاڳاپيل ڊي اي اوز سان رابطي ۾ رهن، جتي ضرورت محسوس ٿئي، اتي موڪلن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن.
ننگرپارڪر ۾ برساتن بعد مور پکين جو رقص
ننگرپارڪر (ن پ ا) برساتن ريگستان ۾ زندگي جا رنگ ڀري ڇڏيا، آسمان مان بوندون وسيون ته گرمي ۾ مرندڙ مور پکين ۾ زندگي جي نئين لهر ڇائنجي وئي ۽ موسم جي تبديلي به شروع ٿي وئي، برسات جي آمد ريگستاني مورن لاءِ زندگي جي نويد بڻجي ويندي آهي، اهي مور جيڪي ڪالهه تائين بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري رهيا هئا برسات وسندي ئي پنهنجي خوبصورتي ۽ نزاڪت سان گڏ رقص ڪري رهيا آهن، آسمان مان خدا جي رحمت برسات ٿر ۾ مورن جي افزائش جو موسم سمجهو ويندو آهي، ان موسم جي مڌر آواز ۽ رقص ساوڻ کي وڌيڪ دلڪش ڪري ڇڏيندو آهي ، ٿر جا اهي خوبصورت مور ڪيترن ئي سالن کان پراسرار بيمارين جو شڪار آهن هر ٻئي ڏينهن مئل حالت ۾ مور ملندا آهن جنهن سان انهن جي نسل کي خطرو پئجي ويو آهي.
ٿر جو فوڪل پرسن صوبائي وزير دوست محمد راهمون ڪارونجهر جبل گهمي روانو
ننگرپارڪر (ن پ ا) رين ايمرجنسي لاءِ ٿرپارڪر ۾ مقرر ڪيل فوڪل پرسن صوبائي وزير دوست محمد راهمون ڪارونجهر جبل گهمي دوستن جي دعوت کائي واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته ننگرپارڪر ۾ پنج ڏينهن کان مسلسل برسات سبب گوڙڌڙو ڊيم ۾ ڏار پوڻ ۽ علائقي جي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، جڏهن ته صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن ڊيم جو دورو ڪيو نه وري علائقي ۾ برسات سبب ڪچن گهرن جي ڊهڻ توڙي پاڻي جي نيڪالي واري صورتحال جو جائزو ورتو، صحافين کان فوڪل پرسن جو دورو ڳجهو رکيو ويو.
وڌيڪ 2 ڏينهن تيز برساتن جي اڳڪٿي، سمنڊ ۾ به چاڙهه جو امڪان
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي حوالي سان شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جيڪو 31 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ڀارتي گجرات تي موجود ڊيپ ڊپريشن اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهو سسٽم ڏکڻ ٿرپارڪر ۽ ڀارتي رڻ ڪڇ تي موجود آهي، سسٽم اڄ صبح اتر اوڀر عربي سمنڊ ۽ لاڳاپيل سنڌ جي سمنڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، اهو سسٽم ڏکڻ سنڌ ۾ تيز هوائون داخل ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 2 کان 3 ڏينهن ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ اڄ صبح يا منجهند تيز برسات جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو ته ٺٽي ۾ به ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ 300 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي. چيف ميٽرولاجسٽ چيو ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ سمنڊ ۾ ٻوڏ جي صورتحال رهڻ جو به امڪان آهي.