| سنڌ ۾ 50 ايڪڙ زمين رکندڙ 8 آبادگارن تي ٻڌل ڪليڪٽوز ٺاهڻ جو فيصلو: بل ڪابينا حوالي |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي سنڌ فارمرزايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026″ جي مسودي جو قانوني ۽ انتظامي جائزو وٺي ڇڏيو ان حوالي سان صوبائي وزير محمد بخش مھر ۽ ڄام خان شورو پاران جاري ڪيل بيان موجب ڄاڻايل بل اڄ منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، زراعت واري وزير سردار محمد بخش مھر جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار ۽ راجوير سنگهه شرڪت ڪئي. صوبائي وزير محمد بخش مھر جو چوڻ ھو ته نئين ايڪٽ تحت گھٽ ۾ گھٽ 8 آبادگار، جن وٽ مجموعي طور50 ايڪڙ زمين ھوندي، اهي گڏجي ايگريڪلچرل ڪليڪٽو قائم ڪري سگھندا، ڪاڇي ۽ باراني (ريگستاني) علائقن لاءِ زمين جي حد 70 ايڪڙ ھوندي، تجويز ڪيل قانون تحت 1 کان 25 ايڪڙ زمين رکندڙ ھارين کي “ننڍو آبادگار ” تصور ڪيو ويندو، نئين ايڪٽ تحت “سنڌ ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ريگيوليٽري اٿارٽي” پڻ قائم ڪئي ويندي، جيڪا ڪليڪٽوز جي رجسٽريشن، نگراني ۽ ريگيوليشن جي ذميوار ھوندي، ھر ڪليڪٽو ۾ ھڪ جنرل باڊي ۽ چونڊيل مينيجمينٽ ڪاميٽي ھوندي۔ ڪليڪٽو جي تمام ميمبرن کي ووٽ، معلومات تائين رسائي ۽ ٻيا قانوني حق حاصل ھوندا، صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ ھو ته ريگيوليٽري اٿارٽي ضلعي سطح تي زرعي ڪليڪٽوز جي رجسٽريشن ۽ نگراني کي يقيني بڻائيندي، نئين قانون سان آبادگار منظم انداز ۾ پنھنجن زرعي سرگرمين کي هٿي ڏئي سگھندا، صوبائي وزير ضياء لنجار چيو ته نئين قانون بابت سڄي صوبي ۾ آگاهي سيمينار ڪيا وڃن ته جيئن آبادگار نئين قانون جي فائدن ۽ طريقيڪار کان مڪمل طور آگاھه ٿي سگھن