سنڌ ۾ 60 سيڪڙو گهٽ برساتون: ڊيم به خالي: گرمي پد وڌڻ سبب 20 ضلعن ۾ سوڪهڙي جو الرٽ

مارچ 25, 2025

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ملڪ ۾ معمول کان گهٽ برسات پوڻ سبب سوڪهڙي جو الرٽ جاري، سنڌ جا ڪراچي ڊويزن سميت 20 ضلعا سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو، سنڌ ۾ 62  ۽ بلوچستان ۾ 52 سيڪڙو گھٽ برساتون پوڻ ڪري سوڪهڙي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آھي، موسميات کاتي پاران  ڏڪار واري صورتحال بابت آگاھي لاءِ قائم ڪيل سينٽر ڄاڻايو آهي ته سيپٽمبر 2024ع کان مارچ 2025ع تائين رڳو 40 سيڪڙو وسڪارا ٿيا آهن، سنڌ ۾ معمول کان 62 ۽ بلوچستان ۾ معمول کان 52 سيڪڙو گهٽ برساتون وٺيون، جڏهن ته  پنجاب ۾ 36 ۽ ڪي پي ۾ معمول کان 35 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون، هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۽ پنجاب جي اوڀرئين علائقن ۾ سوڪهڙي واري صورتحال برقرار آهي، ڏاکڻن علائقن ۾ سوڪهڙو سال جي 200 ڏينهن کان وڌي ويو آهي، برساتن ۾ دير سبب سوڪهڙي وارن علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، جاري ڪيل الرٽ  موجب تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڊيڊ ليول  تي آهن ، مٿان وري ڏاکڻن علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 3 ڊگري وڌيڪ آهي. الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي شھيد بينظير آباد،  دادو،  ڄامشورو،  ٺٽو، سجاول،  بدين، ٿرپارڪر،  عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ،  حيدرآباد،  ڪراچي،  لاڙڪاڻو، قمبر ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ جو خدشو آھي،  جنهن سبب لاڳاپيل ادارا پنهنجا انتظام ڪن.

Leave A Comment