| سنڌ ۾ 65 سالن جا بزرگ به وي سي شپ لاءِ اهل قرار: بورڊن جون ڀرتيون سرچ ڪميٽي حوالي |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ عمر جي حد 62 کان وڌائي 65 سال ڪري ڇڏي، جڏهن ته ضروري تجربي کي 15 کان وڌائي 20 سال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ايڇ اي سي جون تصديق ٿيل اشاعتون لازمي قرار ڏنيون ويون آهن۔ ڪابينا سنڌ جي 7 تعليمي بورڊ لاءِ ڊرافٽ رڪروٽمينٽ رولز اينڊ سروس ريگيوليشنز 2026 جي منظوري ڏني، جنهن هيٺ چيئرمين، سيڪريٽري، ڪنٽرولر آف ايگزامينيشنز ۽ آڊٽ آفيسر جهڙيون پوزيشنون هاڻي معياري سرچ اينڊ سليڪشن ڪاميٽي ذريعي ڀريون وينديون نئين ضابطن تحت چيئرمين (بي پي ايس 19/20) لاءِ عمر جي حد 40 کان 55 سال مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ ماسٽر ڊگري (فرسٽ ڊويزن) ۽ 15 سالن جو سينيئر مئنيجمينٽ تجربو گهربل هوندو۔