سنڌ ۾ 7 ۽ 8 جولاءِ تي طوفاني برسات جي اڳڪٿي

جُولاءِ 3, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) موسميات کاتي 7 ۽ 8 جولاءِ تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي

 سانوڻي برساتن  جي نئين سلسلي جي اڳڪٿي موجب عربي سمنڊ مان هوائون ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب  ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ برسات  پئجي سگهي ٿي، ساڳئي ريت بلوچستان جي به مختلف ضلعن ۾ کنوڻ سان تيز برساتون پئجي سگهن ٿيون

موسميات کاتي موجب 3 کان 8 جولاءِ تائين سموري مُلڪ ۾ چوماسي جون برساتون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. اڄ کان 7 جولاءِ تائين اسلام آباد، راولپنڊي، ڪوهه مري ۽ گليات ۾ تيز برساتن ۽ ڳڙي جو امڪان آهي، جنهن سبب اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان آهي

هوڏانهن 5 کان 8 جولاءِ تائين لسٻيلي، ڊي آءِ خان ۽ ملتان ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب طوفاني برساتن سبب سولر پينل، سائن بورڊ ۽ بجلي جي ٿنڀا ڪري سگهن ٿا

Leave A Comment