| سنڌ ۾21 لک گهرن جي اڏاوت سماجي انقلاب آڻيندي: شرجيل ميمڻ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ دُنيا جو سڀني کان وڏو ھائوسنگ پروگرام ايس پي ايڇ ايف اسڪيم کان وڌي سماجي انقلاب بڻجي چُڪو آھي، ھن وقت تائين 20 لک متاثر ماڻھن جي ويريفڪيشن مڪمل ٿي چُڪي آھي، 15 لک ماڻھن جا اڪائونٽس کوليا ويا آھن، ساڍا 6 لکن گھرن جي تعمير آخري مرحلن ۾ آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته ھائوسنگ پروگرام ذريعي10 لک ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا،9 لک عورتن کي گھرن جا مالڪاڻا حق مليا. هن چيو ته ڪراچي ۾ صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ساڍا 38 رکيا ويا آھن، ڪي فور، نيو حب ڪئنال ۽ ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي2 جھڙين رٿائن لاءِ فنڊ جاري ٿي چُڪا آھن، سنڌ سرڪار پنھنجي ترقياتي ايجنڊا تي تيزي سان ڪم ڪري رھي آھي، هن چيو ته واٽر، سينيٽيشن ۽ ميونسپل سروسز جون 293 اسڪيمون منظور ڪيون ويون آھن، وزير اعليٰ سمورن منصوبن لاءِ وقت سر فنڊز رليز ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن. ھن چيو تھ شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ 620 روڊن جي بھتري تي اڳڀرائي جاري آھي ڪورنگي ڪاز وي پُل، انڊر پاسز ۽ لياري ٽرانسفارميشن منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آھن، نوڪري ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪس جو تعداد وڌائڻ جي بھ منظوري ڏني وئي آھي، سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ سميت 25 ارب رُپين جي رينيوبل انرجي قدمن تي بھ عمل شروع ٿي چُڪو آھي، سنڌ سرڪار جو ويزن، استحڪام، خوشحالي ۽ مساوات تي ٻڌل آھي