سنڌ ۾3807 ترقياتي رٿائون لٽڪيل هجڻ تي وزيراعليٰ جو ناراضپو: سمورن کاتن کي وارننگ 

  سنڌ ۾3807 ترقياتي رٿائون لٽڪيل هجڻ تي وزيراعليٰ جو ناراضپو: سمورن کاتن کي وارننگ 

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائپ  جو جائزو وٺڻ بعد سمورن کاتن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته 3807 هلندڙ منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ ، معيار کي پرکڻ ۽ منصوبن جي تيز رفتار عملداري کي يقيني بڻايو وڃي. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 2008-09 ۾ 55 ارب هئي ، جيڪا 2025-26 ۾ وڌي 1,018 اربن تي پهتي آهي، جنهن ۾ 367 ارب رپيا فارين پروجيڪٽ اسسٽنس ۽ 76 ارب رپيا وفاقي پي ايس ڊي پي جا شامل آهن. 17سالن ۾ 13,000 کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا، جن مان روڊن، آبپاشي، تعليم، صحت، زراعت ۽ سماجي شعبن جا 9193 منصوبا مڪمل ڪيا ويا. وزيراعليٰ ڪجهه منصوبن ۾ دير ۽ لاڳت ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي  هدايت ڪئي ته کاتن کي نون اعلانن کان  اڳ هلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي، انهي ۾  غفلت، ناقص معيار يا ڪمزور نگراني برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته عوامي پئسو سرزمين تي واضح نتيجن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. هر منصوبو وقت، معيار ۽ سروس ڊليوري جا هدف پورا ڪري، هن کاتن کي داخلي احتساب ۽ مانيٽرنگ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي مراد شاهه هدايت ڪئي ته منصوبا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اثاثن جي پائيداري ۽ انهن جي مناسب آپريشن ۽ مينٽيننس ( مرمت ۽ سار سنڀال) يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي سنڌ فلڊ ايمرجنسي ري هبيليٽيشن پروجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. جنهن هيٺ 141 ٻوڏ متاثر ٿيل روڊن جي بحالي (825 ڪلوميٽر)، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارن 500منصوبن جي بحالي ۽ 139,000 کان وڌيڪ خاندانن لاءِ ڪيش فار ورڪ پروگرامز جو مڪمل ٿيڻ شامل آهي. هنن هدايت ڪئي ته “بلڊ بيڪ بيٽر” تحت موسمياتي مزاحمتي معيار تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. شهري شعبن ۾ قدمن جو جائزو وٺندي، وڏي وزير  ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ جا منصوبا ٻين شهرن ۾ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعليٰ اجلاس ۾ زور ڏنو ته ٽيڪنالاجي جو مقصد صرف رپورٽنگ نه پر حقيقي وقت ۾ فيصلا سازي ۽ اصلاحاتي قدم کڻڻ هجڻ گهرجي. هن شهري ماسٽر پلان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي هدايت ڪئي ته نوٽيفاءِڊ ماسٽر پلانز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن بنا منصوبابندي جي ٿيندڙ  ترقي تي ڪنٽرول ٿئي، عوامي زمين جي حفاظت ٿئي، هن چيو ته سڀئي کاتا منظور ٿيل ٽائيم لائينن ۽ لاڳت جي حد تي عمل ڪندي  جاري منصوبن کي مڪمل ڪن، معيار جي ڪنٽرول ۽ ٿرڊ پارٽي جي تصديق کي هٿي ڏني وڃي،۽ ٽماهي اڳڀرائي رپورٽون جمع ڪرايون وڃن. وڏي وزير چيو ته آئون ڪن لاٽار وارا حربا قبول نه ڪندس.