| سنڌ ۾70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر ھجڻ جو اعتراف: وڏي وزير پاران ڊجيٽل اسڪولن جو اعلان |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه صوبي ۾ 70 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاھر ھجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آھي ته ملڪ ۾ تقريباً 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، پاڪستان ۾ آئوٽ آف اسڪول ٻارن جو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي، اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اي ڊي ايل پي جو فيز ٽو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ٽيڪنالاجي جي مدد سان آئوٽ آف اسڪول ٻارن تائين معياري تعليم پهچائي سگهجي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڊجيٽل مائڪرو اسڪولن واري پروگرام اي ڊي ايل پي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته دوران پروگرام جو پائلٽ فيز جون 2023ع ۾ ٽي ٽي ڊبليو ايف جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو هو، جنهن جي شاندار ڪارڪردگي سبب هاڻي انهي کي وڌايو پيو وڃي، وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي ڊي پي ۽ شرح خواندگي جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تعليم ۾ جدت ۽ نئين حل جي سخت ضرورت آهي، وڏي وزير خانگي ادارن ۽ فردن کي آڇ ڪئي ته ٽيچ دي ورلڊ اسڪول ۾ 100 ٻارن جي گنجائش آهي، جيڪو به ادارو يا فرد هڪ اسڪول اختيار ڪندو، حڪومت سندس نالي سان ٻيو اسڪول قائم ڪندي، ٽيچ دي ورلڊ فائونڊيشن جي باني ۽ سي اي او شفيق خان چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آئوٽ آف اسڪول ٻارن جو وڏو انگ آهي، اسان جو گيم بيسڊ نصاب ۽ مائيڪرو اسڪول ماڊل گهٽ خرچ ۽ مختصر وقت ۾ قيام جي ڪري تمام اثرائتا ثابت ٿيا آهن. طهوڏانهن تعليم کاتي ٻڌايو ته پائلٽ فيز ۾ 100 مائڪرو اسڪول ۽ 25 ان-اسڪول ڊجيٽل ڪلاس روم قائم ڪيا ويا، جن ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي داخل ڪيو ويو آھي. مائيڪرو اسڪول هڪ ڪمري تي ٻڌل ڪميونٽي لرننگ سينٽرز آهن، جتي روزاني چار شفٽون هلن ٿيون، ٻار ٽيبلٽ تي ٻه ڪلاڪ جي ڊجيٽل لرننگ سيشن ۾ حصو وٺن ٿا. نو مهينا مڪمل ڪندڙ ٻارن ۾ بنيادي پڙهائي ۽ ڳڻپ ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي آهي، جڏهن ته ڇوڪرين جي ڪارڪردگي ڇوڪرن کان بهتر رهي، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد شاهه گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي وفد سان ملاقات ڪئي، ترجمان موجب 48 ملين يورو جي لاڳت سان سجاول، ٺٽو، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽين ايبل پروگريس شروع ٿيندو.