سنگاپور اوپن: گالفر احمد بيگ قطعي رائونڊز لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

سنگاپور اوپن: گالفر احمد بيگ قطعي رائونڊز لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

سنگاپور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽاپ پروفيشنل گالفر احمد علي بيگگ ايشين ٽور جي سنگاپور اوپن جي شروعاتي 2 رائونڊز ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪري ڪٽ حاصل ڪندي قطعي رائونڊز لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، 2 ملين آمريڪي ڊالرز جي انعاممي رقم واري ان ايونٽ ۾ احمد علي بيگ شروعاتي ٻن ڏينهن دوران پراعتماد راند کيڏي، هن پهرين رائونڊ ۾ 4 انڊر پار 68 ۽ ٻئي رائونڊ ۾ هڪ انڊر پار 71 جو اسڪور ڪيو جنهن سان ان جو مجموعي اسڪور 5 انڊر پار رهيو. اهڙي ريت ان ڪٽ لائن ۾ رهندي ويڪ اينڊ ٿيندڙ قطعي 2 رائونڊز لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. احمد علي بيگ 2 رائونڊز کانپوءِ 144 گالفرز مان 50هين پوزيشن تي رهيو، ان ايونٽ ۾ ڪٽ آف اسڪور 4 انڊر پار مقرر هو.

جمعي تي ايونٽ جي ٻئي رائونڊ ۾ احمد علي 4 برڊيز کيڏيا ان موقعي تي ڊبل  بوگي  ان جي ڪارڪردگي تي معمولي اثر وڌو، ان باوجود بهترين فوڪس ۽ مستقل مزاجي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪٽ آف لائن اندر رهڻ ۾ ڪامياب رهيو.