سنگا ڪپ فٽبال: لياري جي نوجوانن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، مضبوط انڊونيشيا کي هارائي فائنل ۾ پير

سنگا ڪپ فٽبال: لياري جي نوجوانن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، مضبوط انڊونيشيا کي هارائي فائنل ۾ پير

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سنگاپور ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ 2025 ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ لياري فٽبال اڪيڊمي تاريخ جوڙي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي،  سنگاپور ۾ جاري ايشيا جي سڀ کان وڏي يوٿ فٽبال ٽورنامنٽ جي بوائز انڊر 16 سيمي  فائنل ۾ لياري فٽبال اڪيڊمي انڊونيشيا جي مضبوط ٽيم “ٽاپ ٽينگ ايبولا” کي 0-1 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل تي نظرون ڄمائي ورتيون. نوجوانن سيمي فائنل ۾ فتح حاصل ڪري چانديءَ جو تمغو ماڻيندڙ لياري فٽبال اڪيڊمي هاڻي گولڊ ميڊل لاءِ مقابلو ڪندي. سيمي فائنل ۾ مضبوط حريف ٽيم جي خلاف ڪاميابي لياري جي ننڍي عمر جي  رانديگرن جي محنت، بهترين ٽيم ورڪ ۽ ڪوچنگ اسٽاف طارق تاج ۽ زبير فيض جي بهترين حڪمت عملي جو نتيجو رهي.