”سنگيتا مينگهواڙ آپگهات ناهي ڪيو، قتل ڪئي وئي آهي“، بورد فارم ۾ احتجاج

مَي 20, 2023

بوردر فارم( ن پ ا) بوردر فارم ۾ سنگيتا مينگهواڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ويو

5 ڏينهن اڳ سنگيتا مينگهواڙ جي ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو هو  جنهن کي وارثن قتل قرار ڏنو هو

سنگيتا جي امڙ راڌان پي شمبو، ڀاءُ رميش ڪمار ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سنگيتا جي امڙ چيو ته  منهنجي ڌيءَ سنگيتا  ميگهواڙ کي ڏير خوشحال ۽ نانجي ميگهواڙ  ٻين گھر جي ڀاتين ڇرين  جا وار ڪري قتل ڪري آپگهات قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ناري جي مائٽن چيو ته سنگيتا جا ساهرا بااثر آهن جيڪي اسان کي خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن وس وارن کان مطالبو آهي ته سنگيتا جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

 ھوڏانھن آيس ايڇ او ڪوٽ غلام محمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي وارٽن رابطو ناهي ڪيو

Leave A Comment